خالد لطيف لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)اسپاٽ فڪسنگ ۾ مبينه طور ملوث ڪرڪيٽر خالد لطيف لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف جي وڪيل بدر عالم جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته جلد ٻڌڻي ڪرڻ جي درخواست به ڪئي وئي آهي. خالد لطيف جي وڪيل مطابق پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل خلاف اعتراض آهي جنهن غيرآئيني ۽ غيرقانوني ٻڌڻي ڪئي جڏهن ته ٽربيونل کي لکت ۾ جواب اماڻيو ويو آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن ٽربيونل کي خالد لطيف جو لکت ۾ جواب اڄ ملي ويندو ۽ اي ميل ذريعي به اطلاع ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *