خالد شميم جي وڊيو متحده خلاف سازش آهي: فاروق ستار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته خالد شميم جي وڊيو ايم ڪيو ايم خلاف سازش آهي، عوام ۽ متحده سربراهه کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڪوڙو الزام آهي، خابرو ادارن موجب خالد شميم جي وڊيو اچڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار پاران وڊيو پيغام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ان موقعي تي فاروق ستار جو چوڻ هو ته خالد شميم گرفتار آهي، جيلن ۾ وڊيو ڪيئن ٿيون ٺهن ان سوال کي به اٿاريو وڃي، سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم خلاف هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ اهڙيون وڊيو سامهون آنديو ويون آهن، ڇا انصاف ۽ قانون جي نظام ۾ گرفتار ٿيل شخص جو بيان ميڊيا تي آڻي سگهجي ٿو، فاروق ستار چيو ته اهڙيو وڊيو عدالتن ۽ ججن لاءِ به چيلينج آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *