حڪومت ۾ نظام هلائڻ جي اهليت ناهي، وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: بلاول

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي وفد سان گڏ ڪوٽ لکپت جيل ۾ محمد شهبازشريف سان ملاقات ڪري سندس ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال، پي ڊي ايم طرفان وزيراعظم کي استيعفا ڏيڻ لاءِ ڏنل 31 جنوري جي ڊيڊ لائين، پهرين فيبروري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس جو اعلان ۽ ايندڙ حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي بلاول ڀٽو شهبازشريف کي لاهور جلسي کان به آگاهه ڪيو ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ عوام جون ڏکيائون وڌي ويون آهن ملڪ اندرين ۽ ٻاهرين چئلينجز جو شڪار آهي ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ پي ڊي ايم جي تحريڪ جو منطقي انجام تائين پهچڻ اڻٽر آهي ملاقات ۾ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ قمرزمان ڪائره به موجود هو جيل کان روانگي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهبازشريف جڏهن پي رول تي آزاد ٿيو ته ان سان ملاقات نه ٿي سگهي هئي ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو موقعو نه ملي سگهيو ان لاءِ اسان سان جيل ۾ ملاقات لاءِ آيو آهيان مان جڏهن مريم نواز سان تعزيت ڪئي هئي ۽ ان هن کي چيو هو ته مان شهبازشريف سان ملاقات ڪندس حڪومت شريف ڀائرن جي ماءُ جي لاڏاڻي تي به سياست ڪئي جيتوڻيڪ اسان جي اهڙي قسم جي روايت ۽ ثقافت نه آهي هن چيو ته نالائق نااهل ۽ ناجائز حڪمرانن ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي ڪهڙي ماڊرن دنيا آهي جتي موجوده مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اڳوڻو مخالف ڌر اڳواڻ ٻنهي کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي حڪومت ذاتي ضد سبب سياسي مخالفن کي جيل ۾ وڌو آهي جيڪو انساني حقن ۽ جمهوريت جي خلاف آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ترقي نٿو ڪري کنڊ اٽو، چوري ۽ گئس ۽ بجلي جي بحرانن جو حل نٿو نڪري عمران خان رڳو فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر جو وزيراعظم آهي ان جو عوام جي مسئلن سان ڪوبه تعلق نه آهي اسان جي جدوجهد ملڪ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ آهي جيئن عوام جي اصل نمائندگي ٿئي هن چيو ته وزيراعظم چور چور ۽ ڪرپشن ڪرپشن جي ڳالهه ته ڪري ٿو عدالتن ۾ ثابت نٿو ڪري ٻن سالن ان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي پر ڪرپشن ثابت ناهي ٿي سگهي هي ڪوڙو ماڻهو آهي ماضي جي ڪرپشن ضرور پڪڙيو پر اوهان جا پنهنجا ماڻهو جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث آهن انهن کي ته پڪڙيو جنهن کان پوءِ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جڊيشل ڪالوني ۾ رٽائرڊ جسٽس شريف حسين بخاري مرحوم جي وارثن جي گهر ويو بلاول ڀٽو جي جسٽس رٽائرڊ شريف حسين بخاري جي پٽ سيد عمر شريف بخاري سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ جسٽس رٽائرڊ شريف حسين بخاري مرحوم جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي پ پ چيئرمين سان گڏ شري رحمان قمرزمان ڪائره، ۽ چوڌري منظور به جسٽس رٽائرڊ شريف حسين بخاري جي لاڏاڻي تي وارثن سان تعزيت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *