حڪومت ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ڳالهين ۾ اڳڀرائي موجب فائربندي ۾ واڌ ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو ۽ ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، اهي ڳالهيون پاڪستان جي آئين تحت ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي موجب فائربندي ۾ واڌ ٿيندي، افغان عبوري حڪومت ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت ۽ عوام کي حقن کي نظر ۾ رکيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۾ متاثر علائقن جي عوام کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، ڪا به حڪومت آئين ۽ قانون کان ٻاهر رهي ڳالهيون نٿي ڪري سگهي. وفاقي وزير چيو ته ڪائي به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون نٿي ڪري سگهي انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت ملڪي سلامتي لاڳاپيل علائقنجي امن معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي مٿي رکيوويندو هن چيو ته ڳالهين ۾ انهن علائقن جي متاثر ماڻهن کي بلڪل به نظرانداز نٿو ڪري سگهيجي انهن علائقن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ورتو پيو وڃي هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي آڏو رکندي سيزفائر ۾ واڌ ٿيندي ويندي ڳالهين۾ افغانستان جي اٿارٽِز، (عوري حڪومت) سهولت ڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اها ڳالهه سٺي آهي ته پاڪستان جا هي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ مڪمل امن طرف وڌي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *