حڪومت ۽ صنعتڪارن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجرت وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته حڪومت صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ ڊگهي مدي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي ڪاروبار دوست پاليسي جي ڪري انڊسٽري رڪارڊ نفعو ڪمايو جنهن جا ثمر مزدور طبقي کي ملڻ گهرجن مان انهن صنعتڪارن ۽ تاجرن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي اپيل تي ملازمن جون پگهارون وڌايون جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو پبلڪ ۽  پرائيويٽ سيڪٽر ۾ گڏيل سهڪار سان فائدو وٺي سگهجي ٿو ملڪ جي ترقي لاءِ حڪومتي پاليسين جي عملدرامد ۾ پورو ساٿ ڏينداسين وزيراعظم عمران خان سان اربع تي نالي وارن صنعتڪارن ۽ تاجرن جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت ۽ صنعتڪارن جو گهٽ کان گهٽ مهيني وار اجرت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊگهي مدي پاليسين جي تسلسل تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت عالمي منڊي ۾ مهانگائي ۽ ان جي ڪري عوام تي بار جو احساس رکي ٿي هن چيو ته عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن هن چيو ته صنعتڪار ۽ بزنس مين عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت سان گڏجي هلن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ئي پارٽي منشور ۾ آئي ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل جي ايڪسپورٽ جي پاليسي شامل ڪئي هئي جنهن جاثمر هاڻي چٽا نظر اچي رهيا آهن هن چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ جي 10 وڏين ڪمپنين گذريل سال 929 ارب رپيا منافعو ڪمايو وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاريخي قدم کنيا جيڪي اڳ ڪنهن حڪومتن ناهن کنيا هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي ايڪسپورت 21 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهتي ۽ ايندڙ سال 26 ارب ڊالر جي ايڪسپورت جو امڪان آهي هن چيو ته پاڪستان دنيا جو چوٿون سڀ کان وڏو موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي، ٽريڪٽرز جي ايڪسپورٽ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن۾ 90 سيڪڙو پارٽس مقامي طور تي تيار ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته آئي ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل سان گڏوگڏ دفاعي پيداوار ۽ انجنيئرنگ جي شعبن تي ڌيان ڏنو وڃي ان موقعي تي موجود آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دفاعي پيداوار شعبي ۾ اڻ ڳڻيا موقعا موجود آهن جن جو پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اشتراڪ سان فائدو وٺي سگهجي ٿو هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ حڪومتي پاليسين جي عمل ۾ مڪمل ساٿ ڏينداسين وفد سان ڳالهائيندي وزيراعطم عمران خان چيو ته چين دوري کان اڳ بزنس ڪميونٽي سان صلاح مشورا ضروري هئا وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستاني ۽ چيني صنعتڪارن وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ گڏيل بزنس منصوبا قائم ڪرڻ تي ڳالهه ڪندي حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن سان وچولي ۽ غريب طبقي جون معاشي حالتون بهتر ٿينديون وزيراعظم چيو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ آئي ٽي،. زراعت لائيو اسٽاڪ، مشينري، ٽيڪسٽائيل سيڪٽرز ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن ملاقات ۾ صنعتڪارن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي مڪمل تائيد ڪئي صنعتڪارن ايڪسپورٽ وڌائڻ ننڍين ۽ وچولي صنعتن کي هٿي ڏيڻ ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ چين جي دوري جي حوالي سان تجويزون ڏنيون ملاقات ۾ نالي وارو صنتعڪار ثاقب شيرازي (هنڊا اٽلس) علي اصغر جمالي، (انڊس موٽرز)، غياث الدين خان (اينگرو)، سڪندر مصطفيٰ (ملت ٽريڪٽر)، حامد زمان (سيفام)، شاهد عبدالله (سيفائر)، خرم مختار (پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن) زاهد بشير (گل احمد) اعظم فاروق (چراٽ سيمينٽ)، خليل ستار (ڪي اينڊ اين)، عبدالرحيم ۽ گوهر اعجاز (APTMA)، شامل ٿيا، شوڪت ترين، اسد عمر، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، فواد چوڌري، عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسر به موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *