حڪومت گڏيل ٽي او آر ٺاهڻ لاءِ تيار آهي، اپوزيشن ضد ڇڏي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو) حڪومت پاناما ليڪس جاچ ڪميشن جا ٽي او آر مخالف ڌر جي مشاورت سان ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته گڏيل ٽي او آرز تي اڳ به راضي هئاسين. سُڌ سماءُ بابت وفاقي وزير پرويز رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مخالف ڌر سپريم ڪورٽ جي تقدس جو خيال رکي. سپريم ڪورٽ جو جوابي خط ڪنهنجي هار يا ڪاميابي ناهي، پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ قانوني مسئلو آهي، مخالف ڌر ان کي سياسي نه بڻائي مخالف ڌر هميشه ڳالهيون ڦيرائيندي رهي ٿي. پرويز رشيد جو چوڻ هو ته حڪومت مخالف ڌر سان گڏيل ٽي او آرز تي ڳالهين لاءِ اڳ به تيار هئي. ڪميشن ٺهي ويندو ۽ اسين سرخرو ٿينداسين.  مخالف ڌر کي ضد ڇڏڻو پوندو ۽ اعتماد جوڳي حل تي اتفاق ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  اسان جا قانوني ماهر سپريم ڪورٽ جي خط جو جائزو وٺي رهيا آهن. اسين صاف 7 شفاف احتساب چاهيون ٿا. رٿابندي واري وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته مخالف ڌر سپريم ڪورٽ کي سياست ۾ گهلڻ چاهي ٿي. سپريم ڪورٽ صحيح چيو آهي ته ٽي او آر شخصي، ذاتي يا انتقامي نه ٿيڻ گھرجن. هن چيو ته مخالف ڌر پاناما جي لباس ۾ سياسي ايجنڊا پوري ڪرڻ چاهي ٿي. وزير اعظم جا سمورا اثاثا ظاهر آهن، ڪنهن کي اعتراض آهي ته چيلنج ڪري سگھي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *