حڪومت گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميشن سيپٽمبر 4 1 0 2 ع جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي ڪميشن 9 3 1 ڄڻن کي بازياب ڪرايو، ڪميشن کي سيپٽمبر ۾ 5 2 نوان ڪيس مليا، ڪميشن وٽ تحقيقات هيٺ ڪيسن جو انگ 0 3 3 1 ٿي ويو، هلندڙ مهيني ۾ اسلام آباد ۽ ڪراچي سميت ڪوئيٽا ۾ به گمشدگين جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي. ڪميشن جي سيڪريٽري فريد احمد خان طرفان جاري ماهوار رپورٽ موجب سيپٽمبر 4 1 0 2 ع دوران جسٽس (ر) جاويد اقبال ۽ اڳوڻي آءِ جي پوليس محمد شريف ورڪ تي ٻڌل 2 رڪني ڪميشن مبينا طور تي زبردستي کنڀيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي 9 3 1 ڄڻن کي بازياب ڪرايو، بازياب ڪرايل ماڻهن ۾ پنجاب جا 9 1 ، سنڌ جا 1 9 ۽ خيبر پختونخوا جا 9 2 ڄڻا شامل آهن، بازياب ٿيل ماڻهن ۾ نويد الرحمان، سيف اË، جان محمد، انعام اË، عبيدالرحمان، رياض علي، رحمت علي، يعقوب منصور، عبداË يعقوب، جاويد خان، ثناءُ اË شاهه، عزيز اË، آدم خان، انور زيب، نواب علي، رحمت علي، عثمان علي، بخت شير، حضرت شاهه، حضرت علي خان، محمد شير، باچا وزير، عامر سلطان، عزيز الملڪ، حبيب الرحمان، الياس، عبدالڪبير، حمزه نور، اجمل وحيد، اسامه بن وحيد ۽ سيد عبدالجبار سميت ٻيا شامل آهن، ڪميشن گم ٿيل ماڻهن جي جلد بازيابي لاءِ لاڳاپيل ضلعن جي پوليس آفيسرن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرائي ڪيسن جي ڏهاڙي جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته پهرين جنوري 1 1 0 2 ع تي ڪميشن وٽ 8 3 1 ڪيس هئا، ڪميشن کي سيپٽمبر 4 1 0 2 ع تائين 4 9 0 2 نوان ڪيس مليا جن سان اهو انگ 2 3 2 2 ٿيو انهن مان 2 0 9 ڪيس اُڪلايا ويا ۽ هاڻ اهو تعداد 0 3 3 1 رهجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *