حڪومت کي گڏيل ٽي او آر ٺاهڻ جي آڇ،  چيف جسٽس جو خط ڪنهن جي شڪست يا سوڀ ناهي: اپوزيشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حڪومت کي گڏيل ٽي او آر ٺاهڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس تي چيف جسٽس جو خط ڪنهن جي شڪست يا سوڀ ناهي. مسئلي جو گڏيل حل ڪڍڻو پوندو، جمهوريت ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي وزير اعظم کي تمام آسان رستو ڏنو. هاڻي گڏ ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. اسان جو مطالبو هو ته پارليامينٽ ۾ پهرين قانون سازي ٿئي پوءِ ڪميشن جوڙي وڃي. حڪومت کي چيو ته پارليامينٽ ۾ ڳالهيون ڪيون وڃن. خورشيد شاهه چيو ته چيف جسٽيس جو جواب ڪنهنجي ڪاميابي يا ناڪامي ناهي. سپريم ڪورٽ چيو ته حڪومتي ٽي او آر قبولڻ جوڳا ناهن. جيڪا ڳالهه مخالف ڌر ڪئي اها ئي سپريم ڪورٽ ڪئي آهي. هن چيو ته پاناما ليڪس دنيا ۾ طوفان آڻي ڇڏيو آهي، ٻن ملڪن جي وزيراعظمن کي استعيفا ڏيڻي پئي. اسان جي ڪوشش آهي ته جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏنو وڃي. وزير اعظم پاناما ليڪس تي پاليسي بيان ڏي ۽ اهو سڌي ريت نشر ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *