حڪومت کي چونڊون ناهن ڪرائڻيون ته ٻڌائي ڇڏي، واضح جواب نه آيو ته عدالت پاڻ حڪم جاري ڪندي: جسٽس جواد ايس خواجه

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن نئين يا پراڻي قانون تحت ڪرائڻ بابت حڪومت کان سڀاڻي تائين واضح ۽ لکت ۾ جواب داخل طلب ڪري ورتو، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت اٽارني جنرل کي مهلت ڏيڻ واري غلطي کليل عدالت ۾ تسليم ڪيان  ٿو، حڪومت کي چونڊون ناهن ڪرائڻيون ته ٻڌائي ڇڏي، واضح جواب نه آيو ته عدالت پاڻ حڪم جاري ڪندي. جسٽس جواد ايس خواجه جي سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي  ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس جواد ايس خواجه، ايڊيشنل اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اسلام آباد ۾مڪاني چونڊن بابت قانون جو ڇا ٿيو؟. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مڪاني قانون بابت پنهنجي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سينيٽ جو اجلاس جاري آهي، جلد بل منظور ٿي ويندو. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته مڪاني چونڊون آئيني معاملو آهي پر وفاق جي سنجيدگي نظر نٿي اچي، ايترو اهم معاملو اناڙين جي هٿ ۾ ڪيئن ڏنو ويو آهي.؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ سنجيده آهي پر اليڪشن پارٽي يا غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ واري معاملي تي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو ته مڪاني چونڊون پارٽي يا غير جماعتي بنيادن تي ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي، مڪاني چونڊن جو مقصد هيٺين سطح تي اختيار منتقل ڪرڻ آهي. جسٽس جواد ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل هڪ سئو چاليهه اي ۾ مڪاني چونڊن بابت وضاحت آهي، جيڪڏهن ان ۾ڪو خال آهي ته ڪيئن پورو ڪري سگهجي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ 2002 وارو قانون موجود آهي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته 2002 جي مڪاني قانون وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي وقفي بعد ٻيهر شروع ٿي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 2002 جي مڪاني چونڊن واري قانون جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته ڇا اسلام آباد جي 24 لک ماڻهن کي پنهنجي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ناهي، چونڊون 1979 واري قانون تحت به ڪرائي سگهجن ٿيون، حڪومت کي رڳو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو هوندو آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن 1979 واري قانون تحت چونڊ ڪرائي وڃي ته رڳو ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٿي سگهندي، 2002 واري قانون تحت  شهر ۽ ٻهراڙي ۾ چونڊ ڪرائي سگهجي ٿي. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل جي خاطرين تي مڪاني چونڊن بابت مهلت ڏيڻ واري غلطي هـُو کليل عدالت ۾ تسليم ڪري ٿو.عدالت، اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪهڙي قانون تحت ٿينديون، ان حوالي سان سڀاڻي تائين لکت ۾ ٻڌايو وڃي، جيڪڏهن حڪومت جو مناسب جواب نه آيو ته عدالت پاڻ حڪم جاري ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *