حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو اعلان، عوام کي حڪومتي پاليسين تي نٿا ڇڏي سگهون: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت چونڊ مهم دوران عوام سان ڪيل واعدن ۽ منشور تي عملدرآمد ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، عوام پاناما ڪيس جي فيصلي جو شدت
سان انتظار ڪري رهيو آهي، پ پ عملي طور تي ميدان ۾ نڪري چڪي آهي، ان لاءِ حڪمرانن جي چهرن تي پريشاني صاف نظر اچي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات لاءِ ايندڙ پ پ جي مرڪزي اطلاع واري سيڪريٽري چوڌري منظور، پنجاب جي جنرل سيڪريٽري نديم افضل چن، ڪي پي ڪي جو جنرل سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پارٽي جي تنظيم سازي، گڏيل سياسي صورتحال ۽ عوامي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته موجوده حڪومت چونڊ مهم دوران عوام سان ڪيل واعدن مان هڪ به پورو نه ڪيو آهي، هن چيو ته جلد ئي سڄي صوبي ۾ جلسا ڪري عوام کي اصل نتيجن کان آگاهه ڪنداسين عوامي مسئلن تي احتجاجي مظاهرن جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،  هن چيو ته عوام کي حڪومتي پاليسين  ۽ عوام دشمن قدمن جي رحم ڪرم تي تي نٿا ڇڏي سگهون، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لوڊشيڊنگ هجي يا ادارن جي نجڪاري، حڪومت کي هر ميدان ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻو آهي، نواز شريف عام چوندن ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا نه ڪا آهن، عوامي مسئلن جي حل لاءَ ڪارڪن روڊن تي اچڻ ۽ احتجاج جي تاري ڪن. هن چيو ته قوم پاناما ليڪس جي فيصلي جو سختي ۽ بي صبري سان انتظار ڪري رهي آهي، حڪومت چونڊن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا، هن چيو ته تنظيم سازي جو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري حڪومت کي ٽف ٽائين ڏينداسين، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان مرڪزي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي اڳواڻن ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *