حڪومت ڀلي ڪيترا به ٺينگ ٽپا ڏي پر نوازشريف کي واپس نٿي آڻي سگهي: ن ليگ

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُالله خان چيو اهي ته مسلم ليگ (ن) هر قيمت تي پي ڊي ايم جي اتحاد کي برقرار رکڻ چاهي ٿي پهريان نيب جي گرفتارين تي رڳو مذمت ڪندا رهيا آهيون پر هاني ڪنهن اڳواڻ جي گرفتاري تي مزاحمت ڪنداسين ۽ نيب ۽ جيڪي ماڻهو ان کي پنهنجي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن انهن جو گهيرائو ڪنداسين پي ڊي ايم جي اتهاد ۾ ڪنهن سان نه هٿ ٿيندو ن پيپلزپارٽي اتحاد کان ٻاهر نڪرندي مريم نواز قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي استيعفا قيادت وٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو رڳو ٻاهرين ملڪ يا بيمار عورت ميمبرز اسيمبلي کان علاوه ٻيون سڀ استيعفائون جمع ٿي چڪيون آهن ۽ جڏهن به پي ڊي ايم ۾ فيصلو ٿيندو ان مطابق استيعفا ڏينداسين حڪومت ڀلي ڪيترا به ٺينگ ٽپا ڏي پر نوازشريف کي واپس نٿي آڻي سگهي نوازشريف ضرور واپس ايندو پر پنهنجي مرضي سان ايندو اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو اجلاس ۾ نيب طرفان خواجه آصف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي ويئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن حڪومت اهڙين حرڪتن کان پاسو نه ڪيو ته نيب گرفتارين جي خلاف مزاحمت ۽ احتجاج ڪيو ويندو اجلاس ۾ آئينده جي حوالي سان به حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو رانا ثناءُالله خان، عظميٰ بخاري، رانا محمد ارشد ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نيب گردي سياسي مخالفن جي لاءِ بدترين انتقام جي ڪوشش آهي. پي ڊي ايم تحريڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نيب جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن جنهن جي هاڻي مزاحمت ڪنداسين نيب آفيس جي گهيرائو سميت انهن ماڻهن جي گهرن جو به گهرائو ڪنداسين جيڪي نيب کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. هن مولانا فضل الرحمان جي مايوسي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي گذريل ڏينهن مريم نواز سان ملاقات ٿي آهي ان ۾ مولانا فضل الرحمان کي مرڪندي ۽ خوش ڏٺو ۽ ان جي ڳالهين مان بلڪل به ظاهر نه ٿيو ته هو مايوس آهي يا هڪ پاسي ٿي رهيو آهي هن جاتي امره ۾ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ بلاول ڀتو جي شرڪت نه ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ڪوئي پارٽي سربراهه اجلاس م شريڪ نه ٿي سگهي ۽ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شريڪ ٿي وڃي ته ان تي ابتيون سبتيون ڳالهيون نه ٿين گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *