
لاهور (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت ڀارت پاران سرحدي حدن تي گولا وسائڻ جو اثرائتو جواب ڏئي، دشمن کي دوست سمجھڻ سڀ کان وڏي غلطي آهي، لاهور ۾ جميعت طلبه عربيه جي تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪشمير مان ڀارتي فوج نڪرڻ تائين ڀارت سان دوستي نٿي ٿي سگھي، سازش تحت عالم ۽ ديني مدرسن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، قوم کي قرضي ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ظالم حڪمرانن جو آهي.