حڪومت پي ٽي آءِ سان کليل دل سان ڳالهيون نه ڪيون ته ملڪ ۾ تمام وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ سان کليل دل سان ڳالهيون نه ڪيون ته ملڪ ۾ تمام وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو پاڪستان کي عراق ۽ شام وانگر فساد جهڙو ۽ جڳهڙي جو مرڪز جون تياريون ڪيون پيون وڃن ۽ اهو منصوبو آمريڪا جو آهي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ تمام محبت وطن کي گڏ ٿيڻو پوندو لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الهق چيو ته سياسي بحران جي حل لاءِ ڌريون ڳالهين جي ميز تي اچن اسان ان جي لاءِ حڪومت ۽ عمران خان سان رابطي ۾ آهيون. جلسا جلوس ٿيندا رهندا ملڪ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مسئلن ۽ وسيلن جي گهٽتائي ملڪ جي خاطر سڀ ملي ڪري جدوجهد ڪن. هن چيو ته پاڪستان سان محبت ڪندڙ هڪ ٿي وڃن. هن چيو ته 30 نومبر تي عمران خان ۽ حڪومت جو پرامن رهڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *