حڪومت پارليامينٽ جو اجلاس گهرائي ورتو، ٻڌايو ڪجهه به نه، فوج موڪلڻي آهي ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺو: اعتزاز احسن

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته يمن جي معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ته گهرايو ويو آهي پر ڪم جي هڪ ڳالهه به نه ٻڌائي وئي، بچاءُ واري وزير اهو ته ٻڌائي ڇڏيو ته سعودي عرب ڪهڙا مطالبا ڪيا آهن پر حڪومت اهو به ٻڌائي ته واعدا ڪهڙا ڪيا ويا ۽ ارادا ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن حڪومت فوج موڪلڻ جو فيصلو  ڪري ورتو آهي ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، قومي اسميبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته حڪومت فوج موڪلي رهي آهي يا نه موڪلي رهي آهي ان بابت پارليامينٽ کي ٻڌايو وڃي ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته سعودي عرب جي مطالبي تي حڪومت ڪهڙو ردعمل ڏنو هو؟ گڏيل ايوان هڪ سپريم ادارو آهي  پر اڃان تائين ان کي هڪ به ضروري ڳالهه نه ٻڌائي وئي، بچاءُ واري وزير فراميو ته سعودي عرب جو بچاءُ اهم آهي پر اهو نه ٻڌايو ته يمن جي حالتن کان سعودي عرب جي خودمختياري ڪيئن متاثر ٿي رهي آهي ۽ ان جي علائقائي سلامتي کي ڪهڙا خطرا آهن، ايوان کي ٻڌايو ته سعودي عرب جي جاگرافيائي سرحد کي ڪهڙي صورت خطرو آهي ڇو ته يمن ۽ سعودي عرب جي وڏن شهرن جي وچ ۾ 2000 ڪلوميٽر جي صحرائي پٽي آهي اعتزاز احسن چيو ته حرمين شريفين، سعودي رياست ۽ سعودي حڪومت 3 الڳ شيون آهن، سعودي عرب جا خير خواهه ۽ اتي امن چاهيون ٿا پر يمن ۾ جاري جنگ شيعا سني جنگ ناهي پر بادشاهت ۽ جمهوريت ۾ گهرو ويڙهه يمن جو مقدر بڻي آهي ۽ 1960ع کان اهو معاملو جاري آهي، اتر ۽ ڏکڻ يمن 1990 ۾ هڪ ٿيا پوءِ به ڇڪتاڻ رهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو يمن جي سرزمين القاعده جو هيڊڪوارٽر بڻي رهي آهي،  هن چيو ته يمن جي معاملي تي حڪومت کي مينڊيٽ ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ آيا آهيون پر حڪومت گول مول ڳالهيون ڪري مينڊيٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ته ويو آهي پر ٻڌايو ڪجهه به ناهي ويو حڪومت کان مطالهو آهي ته هو سعودي عرب تي پنهنجون ترجيحون ٻڌائن هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوجي دستن کي سعودي عرب ۾ موڪليو ويو ته انهن جي ڪمانڊ ڪري ڪندو؟ انهن جا خرچ ڪري برداشت ڪندو؟  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت جهڙي طرح يمن جي معاملي تي رد عمل ڏئي رهي آهي ايران، لبينان ۽ مصر جي سلامتي کي خطرو ٿئي تڏهن به ردعمل هجڻ گهرجي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو به شامل جي جنگ ۾ پاڪستاني پائليٽ موڪليا جن اسرائيلي جهازن کي ڪيرايو اعتزاز احسن قومي اسيمبلي ۾ موجود تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي به حڪومتي ميمبرن تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪفر ٽوٽا خدا خدا ڪرڪي پر اڄ ٻيهر ڪفر ٿي رهيو آحي ڪجهه دوستن جو اين اي 246 جو معاملو ٿي سگهي ٿو پر بچاءُ وارو وزير حڪومت ۾ آهي ان لاءِ ان جو لهجو نرم، شيرين ۽ ٿڌو هجڻ گهرجي ڇا بچاءُ وارو وزير چاهي ٿو ته 34 ضمني چونڊون ٿي وڃن؟ هن وڌيڪ چيو ته اقليتن پاڪستان جي وڌيڪ خدمت ڪئي آهي اقليت جي اصطلاح ختم ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *