حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 رپيا گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) حڪومت پاران مهانگائي جي ماريل عوام کي هڪ ٻيو تحفو ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، ايندڙ مهيني پيٽروليم شين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وفاقي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين ڊسمبر کان تيل جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي پئي وڃي. پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا گهٽتائي ڪئي ويندي.واضح رهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽجڻ سبب ملڪ ۾ به تيل جا اگهه گهٽايا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *