حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، وزيراعظم ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري پيٽرول بحران جو ذميوري وفاقي سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، سندس اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي، فوج کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو  اهو ڪري پئي پر حڪومت رُڳو ميٽنگ ميٽنگ کيڏي پئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته پيٽرل بحران جو ذميواري ڪري ٻيو نه پري وفاقي سرڪار پاڻ آهي، پيٽرول بحران سبب حڪومت جي نااهلي سامهون اچي وئي آهي. شيرين مزاري چيو آهي ته پاڪ فوج کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو اهو ڪري پئي، پر حڪومت رُڳو ميٽنگ ميٽنگ کيڏي رهي آهي. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ملڪ اندر بجلي جي شديد بحران جا به خدشا آهن، تيل بحران سان عوام دربدر ٿي رهي آهي 7 حڪومت پنهنجي نااهلي قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيرين مزاري چيو ته عمران خان پننجي گهرواري سان عمري جي ادائيگي لاءِ ويو آهي، سياستي ملاقاتن بابت افواهون بي بنياد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *