
اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ آءِ ٽي انقلاب آڻڻ چاهي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، خانگي ٽي وي نيوز چينل موجب اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته معاشي ترقي جو هي سفر جاري رهيو ته پاڪستان دنيا جي 18هين وڏي معيشت بڻجي ويندو، اقتصادي راهداري اقتصادي ترقي ۾ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندي، جڏهن ته معاشي ترقي جو هي سفر ايئن ئي جاري رهيو ته پاڪستان گهڻو اڳتي وڌي ويندي.