حڪومت مخالفن جي جاسوسي لاءِ روبوٽ ڪئا استعمال ڪري رهي آهي: نبيل گبول جي عجيب دعويٰ

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نبيل گبول عجيب ۽ غريب دعويٰ ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران مخالفن جي جاسوسي لاءِ انهن جي ڪمرن ۾ روبوٽ ڪوئا ڇڏيا پيا وڃن ايندڙ دور بلاول ڀٽو آهي 2020 اليڪشن جو سال آهي اليڪشن نه ٿي ته سياست ڇڏي ويندس جنرل اليڪشن نه پر وڏي تبديلي اچڻ واري آهي 2020 ۾ ايندڙ تبديلي ملڪ لاءِ سٺي هوندي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي نبيل گبول چيو ته وزيراعظم عمران خان آءِ بي کي روبوٽ ڪوئا ڇڏڻ جو چيو آهي هن دعويٰ ڪئي ته سيڪريٽري قومي اسيمبلي منهنجو لڳل آهي اها ڳالهه ان مون کي ٻڌائي آهي جن کي عمران خان کي شق آهي انهن جي ڪمرن ۾ روبوٽ ڪوئا ڇڏيا ويا آهن پ پ پ جي اڳواڻ چيو ته (ن) ليگ جي اڳواڻ رانا ثناءُالله تي به نظر رکڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ روبوٽ ڪوئو ڇڏيو ويو آهي ان تي رانا ثناءُالله چيو ته عمران خان جي حڪومت جي هن وقت هر ماڻهو تي نظر رکيل آهي نبيل گبول ڪراچي جي سمنڊ مان تيل نڪرڻ جي حوالي سان به دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته اڄ ايگز ون جي رپورٽ آئي آهي ته سمنڊ مان تيل ناهي نڪتو هن چيو ته عمران خان چيو ته پاڪستان کي وڏي سٺي خبر ملڻ واري آهي بعد ۾ خبر پئي ته ڪراچي جي سمنڊ مان تيل ڪڍڻ لاءِ ڊرلنگ ٿي رهي آهي پر اڄ خبر پئي آهي ته تيل ناهي نڪتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *