اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان مشاورت ڪندو. اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندو، نيب ترميمي آرڊيننس لاءِ قائم ڪميٽي ۾ اپوزيشن ليڊر سان مشاورت جي تجويز ڏني هئي. هوڏانهن قانون واري وزير فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته جيستائين نئون نيب چيئرمين مقرر نٿو ٿئي، جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪم جاري رکندو، نئين چيئرمين جي معاملي تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ مشاورت ٿيندي. هن چيو ته نيب چيئرمين بابت آرڊيننس سڀاڻي وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ۾ اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي وٽ ويندو. سندس چوڻ هو ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ رهيو ته موجوده نيب چيئرمين عهدي تي برقرار رهندو، جڏهن ته اڃا تائين شهباز شريف سان ڪو رابطو ناهي ٿيو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته 1999 ۾ نيب آرڊيننس ٺهيو، هاڻ سڀ کان وڏا سڌارا آهن ته آجيان ڪرڻ گهرجي، نيب ترميمي آرڊيننس ۾ چيئرمين جي مقرري بابت وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ مشاورت جي موجود شق برقرار رهندي، اتفاق نه ٿيڻ تي معاملو پارلياماني ڪميٽي ويندو. هن چيو ته تجويز ڪيل آرڊيننس تحت موجوده نيب چيئرمين نئين چيئرمين جي مقرري تائين عهدي تي برقرار رهندو، نيب چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل سان رابطو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي جي ايندڙ سيشن ۾ آرڊيننس کي بل جي صورت ۾ سامهون رکنداسين، نيب چيئرمين جي مقرري جي طريقي ڪار ۾ پارلياماني ڪميٽي پهريون ڀيرو شامل هوندي، پارليامينٽ مان وڌيڪ تجويزون آيون ته انهن کي سڌارن ۾ شامل ڪيو ويندو. بابر اعظم موجب تجويزن کي دل سان شامل ڪيو ويندو، اپوزيشن جي سٺي ڪم جي تعريف ڪرڻ گهرجي، آئين ۾ آهي ته صدر آرڊيننس جاري ڪري سگهي ٿو. واضح رهي ته اڄ ئي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ فواد چوڌري چيو هو ته اسان نيب چيئرمين بابت شهباز شريف سان مشاورت نه ڪنداسين، جڏهن ته اپوزيشن جي صفن ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي جهڙو ڪو به شخص ناهي.