حڪومت فاٽا ۾ صدارتي چونڊن بابت صدارتي آرڊيننس واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) فاٽا ۾ صدارتي چونڊن بابت صدارتي آرڊيننس واپس ورتو ويو آهي، وقتي صدر سردار اياز صادق صدارتي فرمان واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف جي هدايتن بعد وقتي صدر اياز صادق فاٽا ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي فرمان واپس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن بعد فاٽا ۾ ملتوي ڪيل سينيٽ چونڊن جو شيڊول جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته،حڪومت سينيٽ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو هو، جنهن تحت فاٽا ميمبرن لاءِ ووٽن جو طريقيڪار تبديل ڪيو  هو. اليڪشن ڪميشن صدارتي آرڊيننس سبب فاٽا ۾ سينيٽ چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *