حڪومت غريب ۽ محروم ڪميونٽين جي معيار زندگي کي سڌارڻ لاءِ هدف مقرر ڪيو آهي: مراد علي شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت سماجي موبلائيزيشن، ڪارڪردگي ذريعي غريب ۽ محروم ڪميونٽين جي معيار زندگي کي سڌارڻ، اثاثن ۽ آمدني پيدا ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل هدف مقرر ڪيو آهي جنهن جو آغاز يونين ڪائونسل بنيادن تي غربت جي خاتمي جو پروگرام (UCBPRP) ڪيو ويو آهي. ان پروگرام ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غريب ۽ مسڪين گهراڻن جي روزاني اجرت تي ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ هڪ سائنسي سروي ذريعي ڪئي وئي آهي ۽ ان تي عمل رورل سپورٽ پروگرام (RSPs) ذريعي ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي چيئرمين شعيب سلطان خان جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ آر ايس پي اين جو سي اي او ڏتل ڪلهوڙو پڻ شامل هو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صوبائي سيڪريٽري سنڌ رورل سپورٽ پروگرام شيرين ناريجو پڻ شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت 2009ع ۾ ٻن ضلعن شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ 3.36 ارب رپين جي لاڳت سان پائلٽ سپورٽ رورل سپورٽ پروگرام (آر ايس پي) شروع ڪيو هو ۽ 2010ع ۾ ان کي ٻن وڌيڪ ضلعن جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر ۾ 2 ارب رپين جي لاڳت ذريعي وڌايو ويو. پروگرام، انهن چئن ضلعن ۾ 157 يونين ڪائونسلن (UCs) کي شامل ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي جتي 10043 خاندانن کي انڪم جنريٽنگ گرانٽس (IGG) مليون، 112410 خاندانن کي ڪميونٽي انويسٽمينٽ فنڊز طور تي بنا سود قرض ڏنا ويا، 34211 ماڻهن کي ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام ذريعي مهارتون مهيا ڪيون ويون، 9072 گهٽ قيمت وارا گهر، بي گهر خاندانن کي ڏنا ويا، 4899 روايتي برٿ اٽينڊنٽس (تربيت يافته) 195 اسڪول هلايا ويا، 114328 خاندانن کي مائڪرو هيلٿ انشورنس (MHI) تحت تحفظ فراهم ڪيو ويو، 1124 پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي اسڪيمن جي مرمت ڪئي وئي، 343084 ڳوٺن ۽ ڪميونٽي سطح تي گهرن جي مرمت ڪئي وئي، 70 بزنس ڊولپمينٽ گروپ (BDGs) ٺاهيا ويا ۽ ٻوڏ کانپوءِ 43 ڳوٺن کي ٻيهر آباد ڪيو ويو. وفد کي ٻڌايو ويو ته هن پروگرام کي 6.351 ارب رپين جي لاڳت سان وڌيڪ 6 ضلعن بدين، خيرپور ميرس، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ تائين وڌايو ويو آهي ۽ هيستائين 367 يونين ڪائونسلن (UCs) جو احاطو ڪندي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جن ۾ انتهائي غريبن جي 145173 گهرن جي نشاندهي، 206908 غريب گهرن جي نشاندهي، 191045 وقتي غريب گهراڻن جي نشاندهي، 407212 مسڪين گهراڻن جي نشاندهي، 5807212 گهرن کي منظم ڪرڻ، 35426 ڪميونٽي آرگنائزيشنز (COs) جوڙجڪ، 4214 ڳوٺاڻي تنظيمن (VOs) جو قيام، 250 لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشنز (LSOs) جو قيام، 12231 گھرن کي انڪم جنريٽنگ گرانٽس (IGG)، 65914 گهرن کي ڪميونٽي انويسٽمينٽ فنڊز (سي آءِ ايف) جي صورت ۾ بنا سود جا قرض ڏنا ويا، 13024 ماڻهن کي ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام (VTP) ڏيڻ، 3126 گھٽ قيمت هائوسنگ (LHCs) ۽ 110 بزنس ڊولپمينٽ گروپ (BDGs) ذريعي غربت گهٽائڻ واري پروگرام ۾ واڌ وغيره جي شروعات ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته  سنڌ حڪومت 28 جنوري 2020 تي SRSO سان 5.990 ارب رپين جي لاڳت سان گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ EPPRP تي عملدرآمد لاءِ معاهدو ڪيو آهي جيڪي 103 يونين ڪائونسلن کي بنيادي سطح تي غربت گهٽائڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ انٽروينشنز سان ڪم ڪنديون، ان سان گڏوگڏ 360620 گهرن جو سروي ڪيو ويندو ۽ 10000 گهرن کي آمدني پيدا ڪرڻ لاءِ گرانٽ فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته 100000 گهراڻن کي معاشي استحڪام لاءِ پيداواري ۽ آمدني پيدا ڪندڙ سرگرمين ذريعي ڪميونٽي انويسٽمينٽ فنڊ مان فائدو حاصل ٿيندو ۽ 10000 گهرن کي گهٽ قيمتن جي هائوسنگ تحت ٽيڪنيڪل ۽ مٽيريل سهڪار ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 9000 ماڻهن کي جديد مهارت سيکارڻ لاءِ پروفيشنل سکيا ڏني ويندي، 10000 ماڻهن کي ڪچن گارڊننگ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ويلج امپروومينٽ پروگرام تحت 103 يونين ڪائونسلن کي سهڪار فراهم ڪيو ويندو، مارڪيٽنگ ۽ سيلز لاء وڏن شهرن جي مارڪيٽن سان بهتر رابطي لاء پليٽ فارم مهيا ڪرڻ لاء 71 بزنس ڊولپمينٽ گروپ قائم ڪيا ويندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *