حڪومت سڪندر سلطان راجا کي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي سربراهه ۽ ٻين 2 ميمبرنن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر 5 سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهندو.  پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 48 سان گڏوگڏ 213 ۽ 215 تي عمل ڪندي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڪندر سلطان راجا کي چيف اليڪشن ڪمشنر طور مقرر ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جو ملازمت وارو مد 5 سال هوندو ۽ ان تي عملدرآمد آفيس جا معاملا سنڀالڻ واري ڏينهن کان ٿيندو. ان سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻين 2 ميمبرن سنڌ مان نثار دراني ۽ بلوچستان مان شاهه محمد جتوئي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *