حڪومت زڪوات جو نصاب 80 هزار 933 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو،  نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) حڪومت اسلامي سال 42-1441 هجري لاءِ زڪوات جو نصاب 80 هزار 933 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي غربت گهٽائڻ ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشنموجب هلندڙ سال زڪوات جو نصاب 80 هزار 933 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته 80 هزار 933 کان گهٽ رقم تي زڪوات جي ڪٽوتي نه ٿيندي پڌرائي ۾ چيو ويو ته پهرين رمضان کان بئنڪ پاڻمرادو زڪوات جي رقم ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏيندي جيڪا چنڊ جي شاهدي جي اعتبار کان 14 يا 15 اپريل هوندي. جيتوڻيڪ جن بئنڪ اڪائونٽس ۾ 80 هزار 933 رپيا پئسا هوندا انهن مان زڪوات ڪٽي ويندي خيال رهي ته زڪوات جي ڪٽوتي سمورن سيونگ بينڪ اڪائونٽس تي لاڳو ٿيندي جڏهن ته نفعي ۽ نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ اڪائونٽس مان به زڪوات جي ڪٽوتي ڪئي ويندي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان گذريل سال لاءِ زڪوات ڪٽوتي جو نصاب 46329 رپيا مقرر ڪيو هو اهڙي طرح سال 2019 ۾ پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ زڪوات ڪٽوتي لا3 گهٽ کان گهٽ نصاب 44 هزار 415 رپيا مقرر ڪيو هو سال 2018 ۾ زڪواٽ ڪٽوتي جو نصاب 39هزار 198 رپيا جڏهن ته سال 2017 ۾ 38 هزار 405 رپيا جي حد تي مقرر ڪيو ويو هو هتي اها ڳالهه نظر ۾ رهي ته سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت جي اعلان مطابق ملڪ ۾ پهرين رمضان 14 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *