حڪومت زلزلي سبب ٿيل نقصان جو مڪمل طور ازالو ڪندي: نواز شريف

گلگت بلتستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار، ڪي پي ڪي ۽ فاٽا کانپوءِ گلگت بلتستان جَي زلزلي سٽيلن لاءِ به پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ڏانهن امدادي سامان پهچايو پيو وڃي، باقي امدادي چيڪ ورهائڻ جو ڪم سومر کان شروع ڪيو ويندو. گلگت بلتستان جَي علائقي داسو ۾ زلزلي سٽيلن کي خطاب ڪندَي ميان نواز شريف چيو ته هو سندن سار سنڀال لهڻ لاءِ پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته زلزلي سبب داسو ۾ 10 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن جي پونئيرن کي ڪي پي ڪي ۽ فاٽا ۾ حياتيون وڃائيندڙن جي پونئيرن جيان 6-6 لک رپيا ڏنا ويندا. نواز شريف چيو ته حڪومت زلزلي سبب ٿيل نقصان جو مڪمل طور ازالو ڪندي. وزيراعظم چيو ته زلزلي سٽيل علائقن ڏانهن خيما، ڪمبل، خوراڪ ۽ ٻيو سامان اماڻڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته اعلانيل امدادي رقم متاثرن کي ڏيڻ وارو ڪم سومر کان شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي ميان نواز شريف، زلزلي سٽيل علائقن ۾ زرعي قرضن جي ادائگي لاءِ 4 ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان پڻ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف گلگت جي زلزلي متاثر علائقي داسو پهتو، جتي کيس زلزلي جي نقصانن ۽ امدادي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. عملدارن پاران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته داسو ۾ زلزلي سبب 12 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته گهرن ۽ انفرا اسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته شاهراهه قراقرم هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. بريفنگ دوران عملدارن وزيراعظم کي ٻڌايو ته تنگ رستن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. بريفنگ وٺڻ کانپوءِ ميان نواز شريف امدادي ڪمن لاءِ هيليڪاپٽر نه گهـُرڻ تي انتظاميه مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته رستا بند آهن ته امدادي سرگرمين لاءِ هيليڪاپٽر ڇو نه ٿا گهـُريا وڃن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *