حڪومت زرعي ٽيوب ويل لاءِ بجلي اگهن ۾ 3 رپيا 65 پئسا في يونٽ لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) حڪومت جو آبادگارن جي سهولت لاءِ ريليف پيڪيج، پاڻي ۽ بجلي وزارت زراعت لاءِ بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، آبادگارن کي بجلي 0 1 رپيا 5 3 پئسا في يونٽ ڏني ويندي، سردين ۾ شام 6 کان 0 1 ۽ گرمين ۾ شام 5 کان 1 1 وڳي ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي، فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز به حڪومت برداشت ڪندي. تفصيل موجب پاڻي ۽ بجلي وزارت زراعت لاءِ بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد آبادگارن کي بجلي 0 1 رپيا 5 3 پئسا في يونٽ ڏني ويندي. پاڻي ۽ بجلي وزارت جي ذريعن موجب حڪومت هارين جي سهولت لاءِ ريليف پيڪيج جاري ڪيو آهي، ان پيڪيج ذريعي سردين ۾ شام 6 کان 0 1 وڳي ۽ گرمين ۾ شام 5 کان 1 1 وڳي ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي جڏهن ته فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز به حڪومت برداشت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *