حڪومت خوراڪ جي کوٽ کي مسئلي کي منهن ڏيڻ، ٻار ۽ ماءُ جي مناسب سارسنڀال لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (اين اين آءِ) ٻار ۽ ماءُ جي خوراڪ سان لاڳاپيل ورلڊ فوڊ پروگرام جي خاص صلاحڪار ۽ اردن جي شهزادي ساره زيد پرڏيهي وزارت پهتي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سندس آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ شهزادي پرڏيهي وزارت ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير ورلڊ فوڊ پروگرام تحت ٻار ۽ ماءُ جي متاوزن خوراڪ بابت آگاهي ۽ عوام ۾ ان حوالي سان شعورا پيدا ڪرڻ جي عزم کي ساراهيو، پرڏيهي وزير چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ کي مسئلي کي منهن ڏيڻ، ٻار ۽ ماءُ جي مناسب سارسنڀال لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ملڪ ۾ ٻارن واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ازم جو اظهار ڪيو هو جيڪو موجوده ملڪن جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، پرڏيهي وزير شهزادي کي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام ۽ ان ڏس ۾ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير جي دعوت تي پاڪستان ۾ هن شعبي ۾ ڪم ڪندڙ 3 نمائندن تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي، غريب ماڻهن کي راشن روهائيندڙ خانگي تنظيم رابن هڊ آرمي جو فيصل جميل، پٺ تي پيل علائقن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندڙ طبيه تنظيم جي حفصا نعيم ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رضاڪاراڻي طور کاڌو فراهم ڪندڙ رزق تنظيم جي حظيفا احمد به شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *