حڪومت حاجي سڳورن کي بهتريون سهولتون فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت حاجي سڳورن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آحي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ بهترين ۽ ڀائپي وارا لاڳاپا قائم آهن وڏي انگ ۾ پاڪستاني ڪارڪن سعودي عرب ۾ روزگار حاصل ڪري رهيا آهن جن کي هر طرح جون سهولتون ملڻ گهرجن جمعي تي سعودي عرب لاءِ مقرر ڪيل سفير وائيس ايڊمرل ريٽائرڊ خام هشام سان ڳالهائيندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حج دوران پاڪستاني حاجين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم لاءِ به چيو ۽ هدايت ڪئي ته مقرر سفير حاجي سڳورن کي ڏنل سهولتن جي پاڻ نگراني ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب سان جذباتي لاڳاپا رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڀلائي ۽ خاص طور تي ان لاءِ قونصلر سروس ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن سفير کي چيو ته هو پرڏيهي پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ دل کولي ڪم ڪري  ۽ خاص ڪري انهن جي ٻارڙن جي تعليم تي ڌيان ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *