حڪومت جي خلاف ڳالهائڻ تي ڀارتي گلوڪارا کي ريپ جون ڌمڪيون

 

ممبئي (شوبز نيوز)  ڀارتي گلوڪارا ۽ ريپر ترن ڪور جيڪا هرد ڪور نالي سان مشهور آهي ان دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي حڪومت خلاف ڳالهائڻ تي هن کي حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جا سپورٽرز ريپ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.پنهنجي ويڊيو ۾ گلوڪارا ڀارتي حڪومت جي سپورٽرز کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هنن جي ذهنيت گندي آهي ۽ هو گندگي کان سواءِ ڪجهه به نٿا سوچي سگھن.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ان معاملي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن هلندڙ مهيني هرد ڪور سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ بي جي پي جي صدر اميت شاهه کي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته هوسامهون اچي هن سان ڳالهائي ۽ لڪي هن کي ڌمڪيون نه ڏي.ان ويڊيو ۾ گلوڪارا اهو به اعلان ڪيو ته هو خالصتان تحريڪ کي سپورٽ ڪندي.ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڀارتي سياسدان منجندر سنگھه سرسا هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪندي چيو هو ته هرد ڪور طرفان ڏنل بيان جي مذمت ڪريون ٿا ۽ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته گلوڪارا سک برادري جو حقيقو چهرو ناهي ڇو جو سک ڪڏهن به پنهنجي ملڪ جي خلاف ناهي ويندو.جنهن کان پوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هرد ڪور کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته ڀارتي حڪومت سپورٽرز گلوڪارا کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. هاڻ هن پنهنجي نئين ويڊيو ۾ ٻڌايو آهي ته ڀارتي مرد کيس ان ڪري برداشت نٿا ڪن ڇو جو هوءَ هنن کان وڌيڪ ٽيلينٽڊ ۽ مشهور آهي.گلوڪارا موجب آئون ڀارت جي پهرين عورت هپ هاپ آرٽسٽ آهيان، آئون دنيا جي سامهون ڀارت جي هاڪاري شڪل پيش ڪئي.هن چيو ته ڀارتي حڪومت کي اهو سمجهڻ گھرجي ته هن کي قتل ۽ ريپ جو ڌمڪيون ڏئي نٿو ڊيڄاري سگھجي، هوءَ جيڪو چوڻ چاهي ٿي ضرور چوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *