حڪومت جي ايڪشن پلان تي اختلاف آهي: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته فوجي عدالتون مسئلي جو  حل ناهن قومي ايڪشن پلان تي اختلاف راءِ موجود آهي جماعت اسلامي جي مجلس شوريٰ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته تحفظ پاڪستان آرڊيننس آندو ويو جنهن تحت عدالتون به ٺهوين پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، هر ڀيري قانون تبديل ڪيا ٿا وڃن پر فائدو ڪجهه ناهي ٿيو نيڪٽا جي قائم ٿيڻ کي 5 سال ٿي ويا آهن پر هينئر تائين اهم ترين اداري جو هڪ به اجلاس ناهي گهرايو ويو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت عملي طور تي بي عملي جو شڪار آهي حڪومت جي ايڪشن پلان تي اختلاف راءِ موجود آهي پشاور سانحي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي ان واقعي کانپوءِ ملڪ جي پارٽين ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيو پر ديني مدرسن کي ٽارگيٽ بڻائڻ جي ضرورت نه هئي، جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته فوجي عدالتون مسئلي جو حل ناهن پوري ملڪ جي جيلن ۾ هن وقت 8 هزار کان وڌيڪ موت جي سزا جي منتظر قيدي موجود آهن انهن سمورن جوابدارن کي ملڪ جي سول عدالتن سزائون ٻڌايون آهن حڪومت پاڻ موت واري سزا تي عملدرآمد تي پابندي لڳائي حڪومت پاڻ قدم نه ٿي کڻي ۽ پوءِ عدالتن کي بدنام ڪري ٿي جمهوري حڪومت طرفان سول عدالتن جو ڪورٽ مارشل افسوس جي قابل آهي حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي جيڪڏهن سيڪيورٽي جو بندوبست عوام کي ئي ڪرڻو آهي ته حڪومت جو ڪوبه فائدو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *