حڪومت جو پيٽروليم شين تي موٽرسائيڪل، رڪشي ۽ 800 سي سي گاڏين کي سبسڊي ڏيڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڳالهين، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب وزيراعظم اتحادين کان غريب طبقي تي بار نه وجهڻ بابت رليف پيڪيج تي مشاورت ڪئي ۽ تيل اگهن ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي تي به اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي ۾ موٽرسائيڪل، رڪشو ۽ 800 سي سي گاڏين کي رليز ڏنو ويندو. تيل اگهن جي قيمتن ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي سوا ڪروڙ ماڻهو فائدو وٺندا. تيل اگهن جي قيمتن ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي بينظير انڪم رپورٽ پروگرام ذريعي ڏني ويندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *