حڪومت جو ٽي ايل پي کي ڪا رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ)وفاقي حڪومت ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪا رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمرن خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، گهرو وزير شيخ رشيد، وفاقي وزير نور الحق قادري، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪالعدم تنظيم سان ڳالهين تي بريفنگ ڏني وئي، ڪالعدم تنظيم جي مطالبن ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، گڏوگڏ وزيراعظم کي واپارين جي احتجاج بابت به آگاهه ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان سميت سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪالعدم ٽي ايل پي کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪالعدم ٽي ايل پي پنهنجي پوزيشن ڇڏي احتجاج ختم ڪندي ته ئي ان سان ڳالهيون ڪيون وينديون، گهرو وزير ٽي ايل پي کي رستو ڪليئر ڪرڻ ۽ احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چوندو.  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران فرانسيسي سفارتڪار کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ واري معاملي ۾ حڪومت ۾ 22 ڪروڙ عوام جون مجبوريون آهن اسان پرڏيهي دٻاءُ ۾ اچي وينداسين، ٽي ايل پي سان فورٿ شيڊول تحت ٻين مسئلن تي ڳالهائي چڪا آهيون ڪنهن سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا سفارتي عملي کي ڪڍڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون معاملو پارليامينٽ ۾کڻي وينداسين ته اپوزيشن ان کي سپورٽ نه ڪندي ۽ پوءِ هي معاملو اٿي ويندو مسئلي کي مستقل طور حل ڪرڻ گهرجي پاڪ فوج ۽ وزيراعظم هڪ پيج تي آهن عمران خان جي ڪوشش آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري سڄي دنيا مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽي ايل پي پاران رستا کولڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون ڇو ته ان اڱاري تي رستا کولڻ جو واعدو ڪيو هو شيخ رشيد هڪ دفعو ٻيهر ورجايو ته ٻيا مسئلا ذڪر جوڳا نه آهن جڏهن ته سفارتڪار جي نيڪالي سان يورپي ملڪن سان گڏ ڪيترائي مسئلا جنم وٺندا جڏهن ته اسان معاشي ۽ ٻين بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون شيخ رشيد چيو ته جيتوڻيڪ ٽي ايل پي سان اڱاري تائين ڳالهه ٿي هئي پر مان رات 8 وڳي ۽ اربع جو صبح 10 وڳي به رابطو ڪندس ۽ اميد رکان ٿو ته اهي ٻنهي پاسن کان رستا کولي ڇڏين هن چيو ته ٽي ايل پي جو هي ڇهون درڻو آهي ٽي ايل پي سان ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان سان رابطو ڪندس ۽ سمورن مسئلن تي اتفاق آهي جڏهن ته ٽي ايل پي فرانسيسي سفارتڪار جي نيڪالي لاءِ 2 نومبر جي تاريخ ڏني آهي، وفاقي گهرو وزير چيو ته فرانسي سفارتڪار کي نيڪالي جي معاملي ۾ حڪومت ۽ 22 ڪروڙ عوام جون مجبوريون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين ته اپوزيشن ان کي سپورٽ نه ڪندي. هن چيو ته نئين ڊي جي آئي ايس آئي جو نوٽفيڪشن جاري ٿي چڪو آهي، پاڪ فوج ۽ وزيراعظم هڪ پيج تي آهن، هن چيو ته ناموس رسالت تي يقين نه هجي ته اسان مسلمان ئي نه آهيون ختم نبوت تي قانون پاس لاءِ شيخ رشيد پارليامينٽ ۾ پهريان آواز اٿاريو هو. اسان جو سمورن مسئلن تي اتفاق آهي هنچ يو ته اسان جا ٻه پوليس وارا شهيد ۽ 70 زخمي آهن، هن چيو ته عمران خان جي ڪوشش آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ۽ مهانگائي سڄي دنيا ۾ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *