حڪومت جو نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ ۽ سي ڊي اي جي سڀني ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد اعلان ڪيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي تاحيات قائد نوازشريف جو پاسپورٽ 16 فيبروري تي ختم ڪيو ويندو پيپلزپارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي پهرين جنوري کان چين ۽ افغانستان جو ويزا آن لائين جاري ٿيندو مينوئل ويزا کي ختم ڪري رهيا آهيون آءِ جي پي تي پرنسپل روڊ جو ڪم ۽ 7 ايوينيو انٽرچينج ٺاهينداسين، اسلام آباد ايڪسپريس وي جو ڪم به تيزي سان شروع ڪيو ويندو ڳالهين جا دروازا کليل آهن هي سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن هي سڀ ماڻهو وائکا ٿيندا اربع تي هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پهرين جنوري کان چين ۽ افغانستان جا ويزا آن لائين جاري ٿيندا مينوئل ويزا کي ختم ڪري رهيا آهيون ڇو ته ان ۾ ڪرپشن هئي ۽ اها شڪايت هئي ته چين ۽ افغانستان جا ويزا ۽ ان ۾ واڌ لاءِ پئسا ورتا ويندا هئا هن چيو ته ان لاءِ مينوئل ويزا ختم ٿي ويندو ۽ 54 هزار چيني ۽ 41 هزار ٻين ماڻهن کي ويزا ملندو جڏهن ته ان کان علاوه 191 ملڪن کي آن لائين ويزا ڏنو ويندو هن چيو ته ليڊيز ڪلب ۽ ڪلرل ڪمپليڪس کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سي ڊي اي ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي ۽ پورهيتن جي بهتري لاءِ انهن جي يونين کي ايندڙ اربع تي پنهنجي آيس گهرائيندس هن چيو ته آءِ جي پي تي پرنسپل روڊ جو ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سياسي معاملن تي هن چيو ته جيئن مان چوندو هيس الله اهو پورو ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي سينيٽ چوندن ۾ حصو وٺي رهي آهي ان جو مطلب اهو آهي ته اها ضمني چونڊن ۾ به حصو وٺي رهي آهي هن يچو ته گذريل ڏينهن خواجه آصف جي گرفتاري بابت چيو ته هي سڀ وائکا ٿي ويا آهن جيڪڏهن مان گهرو وزير آهيان ۽ اڪامو وٺان ته ان جو مطلب آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي مطلب منهنجو منهنجي ڌرتي تي ايمان نه آهي هن چيو ته 16 فيبروري تي نوازشريف جو پاسپورٽ ختم ڪري ڇڏينداسين. گهرو وزير چيو ته سڀ چور گڏ ان ڪري ٿيندا آهن جو انهن جي بئنڪ اڪائونٽس مان پئسا نڪرن ٿا ۽ هي برداشت نٿا ڪن جڏهن ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا پئسا جڏهن ظاهر ٿين ٿا ته هي چون ٿا ته اسان کان انتقام ورتو پيو وڃي اسلام آباد ۾ ڏوهن جون ڪارروايون وڌڻ بابت هن چيو ته دهشتگردي جا خطرا موجود آهن پر اسان سٺي ٽرانسپورٽ گهرائي رهيا آهيون ۽ اسلام آباد جي سيڪيورٽِ لاءِ 100 موٽر سائڪلن تي ٻڌل ايگل اسڪواڊ هلائڻ وارا اهيون هن چيو ته نيون گاڏيون ۽ ٽرانسپورٽ اچڻ ڏيو سڀ ناڪه ختم ڪري ڇڏيندس سياسي معاملن بابت هن چيو ته ڳالهين لاءِ به دروازا کليل آهن ۽ چورن لاءِ به جنهن کي ڳالهيون ڪرڻيون اآهن اهي اسيمبلي ۾ اچي ڳالهيون ڪري ۽ جنهن مال پاڻي ٺاهيو آهي اهو ٻئي وڏي گيٽ تي اچي اورسيز پاڪستانين جي سيڙپڪاري ۽ ويزن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 191 ملڪن لاءِ ماڻهو جيڪي گهرو وزارت ۾ قطارون ڪري ڌڪا کائيندا هئا اهي ٻن ڏينهن کان پوءِ ختم ٿي ويندا. صحافين لاءِ نئين سيڪٽر بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يونين جي ذريعي پلاٽ ملندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *