حڪومت جو محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو غير قانوني قرار ڏيندڙ جج خلاف ريفرنس آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سينيئر صحافي محسن بيگ جي گهر تي ايف آءِ اي جي ڇاپي کي غير قانوني قرار ڏيندڙ ايڊيشنل سيشن جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد نياز الله نيازي جي ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ هن خانگي ٽي وي چئنل سان به ڳالهايو. نياز الله نيازي موجب وزيراعظم چيو آهي ته ڪو شخص قانون کان مٿانهون ناهي، محسن بيگ اداري جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي فيصلي ۾ جيڪو لکيو آهي، اهو مينڊيٽ اورانگهڻ آهي، جڏهن شخص توهان جي سامهون اچي ويو ته توهان جو مينڊيٽ ختم ٿي ويو. هن چيو ته ايڊيشنل سيشن جج خلاف انتظامي طور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏينداسين، چيف جسٽس اسلام آباد کي ايڊيشنل سيشن جج خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪنداسين. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته جج جي آبزرويشن تعصباڻي آهي، جيڪو ان جو مينڊيٽ نه هو، چيف جسٽس کي انتظامي سطح تي موڪليل شڪايت جج خلاف ريفرنس هوندي. واضح رهي ته وفاقي وزير مراد سعيد جي شڪايت تي محسن بيگ خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي جي ٽيم اسلام آباد ۾ محسن بيگ جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو هو. محسن بيگ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ان جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو. پوءِ محسن بيگ جي گهر تي ڇاپي بابت اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال  5 صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن موجب ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر 9 وڳي داخل ٿي، ايف آءِ اي ۽ مارگلا پوليس جي ايف آءِ آر مان واضح آهي ته محسن بيگ تي گهر تي ڇاپو غير قانوني هو، انهن ماڻهن ڇاپو هنيو، جن کي اختيار نه هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *