حڪومت جو عمران خان ۽ پرويز مشرف خلاف پاناما ليڪس ڪميشن ۾ ثبوت کڻي وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف عمران خان ۽ پرويز مشرف خلاف عدالتي ڪميشن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳاهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته عمران خلاف شوڪت خانم جي آف شور اڪائونٽس جا ثبوت موجود آهن. جيڪي پاناما ڪميشن ۾ ڏيندس. هن چيو ته  2014ع جي ڌرڻي وارا امپائر گھر وڃي چڪا آهن. 2018ع واريون چونڊون هٿن مان نڪري ويون ته ايندڙ چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون. خواجه آصف چيو ته پرويز مشرف خلاف به آف شور ڪمپنين جا ثبوت موجود آهن، جيڪي پڻ عدالتي ڪميشن م پيش ڪندس. خواجه آصف موجب عمران خان مايوس آهي ۽ هاڻ هو ڊينٽنگ ۽ پينٽنگ مان گذارو ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *