حڪومت جو سينيٽ چونڊن جلد ۽ شو آف هينڊ ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو، چاهيون ٿا سينيٽ چونڊون شفاف ٿين: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت سينيٽ جون چونڊون شو آف هيندز جي ذريعي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو اهي ته ان حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 186 جي تحت سپريم ڪورٽ کان رهنمائي وٺنداسين سينيٽ چونڊون وقت کان اڳ به ٿي سگهن ٿيون صوبن کي اربين کربين ملن ٿا نظر نٿو اچي ته ڪٿي خرچ ٿيا صوبن کي جوابده هئڻ گهرجي پئسا ڪهڙي مد ۾ ڪٿي خرچ ٿيا صوبن کي پئسا ڏيڻ جا پيراميٽرز هئڻ گهرجن 18هين ترميم کان پوءِ ڪجهه اشوز اهڙا آيا جن کي حل ڪرڻ ضروري اهي جڏهن ته شبلي فراز اپوزيشن طرفان وزيراعظم استعيفا جو مطالبو رد ڪندي واضح ڪيو ته چونڊيل ويزراعظم کان اڻ چونڊيل ماڻهو ڪيئن استعفا گهري سگهن ٿا جيڪڏهن هڪ اسيمبلي ٽٽي به وڃي تي سينيٽ اليڪشن تي ڪو اثر نه پوندو، پيٽروليم بحران ۾ جيڪو به ذميوار هوندو ان کي سزا ملندي لاهور جلسي جي ناڪامي کان پوءِ اپوزيشن وارا هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا آهن اپوزيشن طرفان ميڊيا کي ڌمڪيون ڏيڻ مذمت جوڳو عمل آهي اسان ميڊيا سان گڏ بيٺا آهيون اڱاري تي وفاقي ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر سبلي فراز چيو ته وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پيٽروليم بحران جي حوالي سان رپورٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي پيٽروليم بحران ڪرونا جي پهرين لهر دوران آيو هو ۽ وزيراعطم ان وقت وزيراعظم انڪوائري لاءِ چيو هو ۽ رپورٽ ۾ ٽائيم لڳو ۽ هاڻي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويئي سڌسماءَ جي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پيٽروليم بحران جي حوالي سان انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي وفاقي وزير اسد عمر ڪميٽي جو چيئرمين هوندو وفاقي وزير شفقت محمود شيرين مزاري ۽ اعظم سواتي ڪميٽي جا ميمبر هوندا ڪميٽي ايندڙ هفتي ڪابينه ۾ رپورٽ پيش ڪندي. جنهن کان پوءِ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو هن چيو ته چونڊون ايندڙ مارچ يا ان کان اڳ ٿينديون ان حواليس ان به ڳالهايو ويو هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳن ٿا ۽ ڳالهه طئي ٿي وڃي ٿي ته خريد ۽ وڪرو ٿئي ٿو چونڊن جي شفافيت لاءِ سپريم ڪورٽ مختصر حڪم جاري ڪيو هو جنهن جي بنياد تي اسان اسيمبلي ۾ هڪ بل پيش ڪيو هو. ۽ ان تي بحث ٿيو ته ڪيئن اهو بل منظور ڪرائي سگهون ٿا آئيني ترميم، ايگزيڪيوٽو آرڊر يا اليڪشن ڪميشن جي ذريعي ٿيندو هن چيو ته اسان طئي ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ کان رهنمائي وٺنداسين جنهن لاءِ اسان جي درخواست آهي ته شو آف هينڊز جي ذريعي چونڊون ٿين شبلي فراز چيو ته هن کان اڳ ڪنهن حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏنو جيتوڻيڪ حڪومت وٽ وسيلا هوندا آهن پر ڪا حڪومت ايئن نٿي ڪري جيئن اسان ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سينيٽ جون چونڊون شفاف ٿين ته جيئن ان ۾ اهي ماڻهو اچن جيڪي مختلف پارٽين سان تعلق رکندر هجن هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته سينيٽ جي چونڊن کان ڪافي اڳ سپريم ڪورٽ مان اسان کي رهنمائي ملندي جيڪڏهن اسيمبلي جو اجلاس ٿيو ته اتان منظور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ڇو ته هي سڀني جي مفاد ۾ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پيٽروليم بحران جيڪڏهن اسان جو ماڻهو يا ڪوئي ٻاهريون جيڪو به ذميوار هوندو ان کي سزا ملندي هڪ سوال ۾ هن چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ لاهور جلسي تي نه ڳالهايو ويو. اسان کان وڏا جلسا ڪنهن ناهن ڪيا 126 ڏينهن جو ڌرڻو اسان جو رڪارڊ آهي. جيڪڏهن هنن کي ماڻهو گهرجن ها ته اسان کان مدد وٺن ها هي پنهنجو پاڻ کي بند گهٽي ۾ وٺي ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *