حڪومت جو رياستي رٽ هر حال ۾ قائم ڪرڻ جو فيصلو، ٽي ايل پي سان ڳالهيون جاري رکڻ جو بھ اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي جي اجلاس ۾ رياستي رٽ کي هر حال ۾ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد هڪ دفعو ٻيهر بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين جو اعلان ڪندي چيو ته امڪاني طور تي وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ شيخ رشيد ڳالهيون ڪندا اسان جي ڪوشش آهي معاملا افهام ۽ تفهيم سان طئي ٿين، حڪومت ٽي ايل پي سان ٿيندڙ معاهدي تي قائم آهي جڏهن ته ٽي ايل پي اڃا تائين روڊ رستا عام ٽريفڪ لاءِ ناهن کوليا ۽ نه ئي جي ٽي روڊ ڇڏي مرڪز واپس ويا آهن، معاملا اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن بندش پيل تنظيم جو واٽس ايپ ڀارت، هانگ ڪانگ، آمريڪا ۽ برطانيا مان هلي رهيو آهي، هانگ ڪانگ ڀارت، برطانيا ۽ آمريڪا مان ان جون اي ميلز به هلي رهيون آهن پنجاب ۾ پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي رياست جي رٽ کي هر حال ۾ قائم ڪيو ويندو جمعي تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي آئي ايس آئي، ڊي جي آئي بي، ڊي جي ايف آئي اي، هٿياربند فوج جي سربراهن سميت بچاءُ وارو وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير شيخ رشيد، شاهه محمود قريسي ۽ فواد چوڌري شريڪ ٿيا جنهن ۾ بندش پيل تنظيم جي لانگ مارچ ۽ گهرو سلامتي بابت معاملا غور هيٺ آيا اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽِ جو اجالس 2 ڪلاڪ جاري رهيو قومي سلامتي ڪميٽي جي اهم اجلاس ۾ آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽِ ۽ هٿياربند فوج جا سربراهه موجود هئا جتي هر ماڻهو ڳالهه ٻولهه ڪئي اهي اجلاس ۾ ڳالهين جي رپورٽ به پيش ڪئي ويئي گهرو وزير ٻاڌيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته حڪومت جي رٽ ۽ امن امان قائم رکيو ويندو اسان رينجرز کي آرٽيڪل 147 تحت اختيار ڏنا گهرو وزارت پوليس کي پنجاب ۾ رينجرز جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته ممڪن آهي ته منهنجون ۽ نورالحق قادري جون انهن سان ٻيهر ڳالهيون ٿين اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا بهتر نموني سان طئي ٿي وڃن هن چيو ته جشن عيد ميلاالنبي جي جلوس ۾ ڌرڻي ۾ تبديل ڪيو ويو جي ٽي روڊ جي ڀرپاسي رهائشي آبادي، اسڪول ۽ ڪاليج متاثر اهن شيخ رشيد چيو ته بندش پيل تنطيم جي مظاهري ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن، 100 کان وڌيڪ اهلڪارن کي گوليون لڳيون آهن جن ۾ 6 کان 8 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي هن چيو ته جڏهن ملڪي فورس تي گولي هلائي وڃي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ هي فيصلو ڪيو ويو اسان جيڪي ڳالهيون ۽ صحيحون ڪيون ان تي قائم آهيون مان ڳالهين تي صحيح وزيراعظم عمران خان کان پچي ڪئي هئي بندش پيل تنطيم واعدو ڪيو هو ته جي ٽي روڊ کولي ڇڏينداسين هن چيو ته جيڪڏهن اسان جون انهن سان ڳالهيون ٿين ٿيون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچون ٿا يا ان بابت اوهان کي ٻڌائينداسين، وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر يا سڀاڻي آچر تي قوم کي خطاب ڪندي ٿي سگهي ٿو ته هو ڇنڇر تي قوم کي خطاب ڪري. جيڪا وزيراعطم جي تقرير هوندي اهو ئي سڄي حڪومت جو بيانيو هوندو هن چيو ته ٻنهي طرفن کان جانيون قيمتي آهن، پوليس وارن جا به ٻارڙا آهن، گهر وارا آهن، مان اميد ڪيان ٿو ته قومي نقصان نه ٿئي سعد رضوي جتي به آهي، ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي بندش پيل تنظيم کي مارچ روڪڻ گهرجي ۽ ڳالهين جا نتيجا ڏسڻ گهرجي شيخ رشيد چيو ته سڄي دنيا کي پتو آهي ته فرانس جو سفير هتي نه آهي، فرانس يورپي يونين کي ليڊ ڪري رهيو آهي اهو يورپي يونين جو هيڊ آهي فرانسيسي ايمبيڊر بابت سوال اسان قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو آهي. هن چيو ته هي ماڻهو ستون ڀيرو اسلام آباد اچي رهيا آهن، ماڻهن رڳو رستا بند ٿيڻ سبب پريشان ئي نه پر ٻيا کوڙ مسئلا پيد ٿي رهيا آهنکوڙ ساريون تنظيمون هن ملڪ ۾ بندش پيل تنظيمون آهن جيڪي اليڪشن به وڙهي رهيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *