حڪومت جو بئنڪن مان 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اوڳاڙين بابت ممڪلتي وزير حماد اظهر ٽيڪس باقيدارن لاءِ بئنڪن مان رقم ڪڍرائڻ تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ممڪلتي وزير ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ممڪلتي وزير چيو ته  نئين فنانس بل ۾ ڄاڻايل ٽيڪس کي ختم ڪيو ويندو. ڪي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ خرم شهزاد چيو ته ممڪلتي وزير سان ملاقات ۾ 23 جنوري تي پيش ڪيل نئين فنانس بل بابت سي سي آءِ جي سفارشن ۽ تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته حماد اظهر  ٽيڪس ڏيندڙ لاءِ اها تيڪس ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. خرم شهزاد چيو ته حماد اظهر چيو ته واپارين کي استعمال ٿيل مشينري جي درآمد تي سيلز ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ۽ دير سان ٽيڪس فائل ڪندرن کي آڊٽ کان آجو قرار ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *