حڪومت جو الطاف حسين خلاف برطانيا ۽ ميٽروپوليٽن پوليس کي ريفرنس اماڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)  وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف برطانوي حڪومت ۽ ميٽروپوليٽن پوليس کي ريفرنس اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو. هن چيو ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي سربراهه اصول، اخلاق ۽ قانون جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون، الطاف حسين جي تقرير جو مقصد ادارن ۽ رياست کي توهين جو نشانو بڻائڻ آهي. هن چيو ته ملڪ جي هٿياربند فوج خلاف طنز جوڳا نظم پڙهيا ويا ۽ انهن تي بدترين الزام مڙهيا ويا، دشمن ملڪ کي ڪارروائي لاءِ اڪسايو ويو، هن چيو ته الطاف حسين پاران استعمال ڪيل زبان ڪنهن به محب وطن جي ناهي، اها زبان ته جملي طور ايم ڪيو ايم جي به ناهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جون دليون پاڪستان جي محبت سان ٽمٽار آهن، مان نه ٿو سمجهان ته ڪو اردو ڳالهائيندڙ /يا ايم ڪيو ايم جو ڪو اڳواڻ اهڙي قسم جي بيانن جي ويجهو به وڃي سگهي ٿو. وفاقي گهرو وزير چيو ته اهڙي ٻولي اردو ڳالهائيندڙن يا ايم ڪيو ايم جي نه پر دشمنن جي آهي، برطانيا کي الطاف حسين جي بيانن جو رڪارڊ اماڻي چڪا آهيون، پر هاڻ سندس نفرت جوڳين تقريرن جو معاملو قانوني انداز ۾ به برطانيا جي سامهون رکيو ويندو ۽ ان لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته الطاف حسين خلاف ڪيس عام شهرين داخل ڪرايا ۽ انهن ڪيسن مان کيس ڪوبه خطرو ناهي،کيس خطرو انهن ٻن ڪيسن مان آهي، جيڪي برطانيا ۾ هلي رهيا آهن. هن چيو ته انهن ٻنهي ڪيسن ۾ سندس گهيرو سوڙهو ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪاوڙ هو پاڪستان تي ڪڍي رهيو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته الطاف حسين جي جيڪا مرضي چوي پر پاڪستان انهن ٻنهي ڪيسن ۾ برطانيا سان قانوني سهڪار جاري رکندو، ڇو ته هڪ مهذب ملڪ جي حيثيت ۾ اها اسان جي ذميواري آهي، مني لانڊرنگ وڏو سنگين ڏوهه آهي، ان کانسواءِ عمران فاروق هڪ پاڪستاني شهري هو، جنهن کي لنڊن جي روڊ تي ڏينهن ڏٺي وحشياڻي طريقي سان ڪيو ويو، ان ڪري انهن ڪيسن ۾ حڪومت کي جيڪي به ثبوت ملندا، اهي برطانيا کي ڏنا ويندا. چوڌري نثار علي خان چيو ته الطاف حسين کي جيڪو وڻي ڪري پر ڪراچي آپريشن هلندو رهندو، ان آپريشن دوران رڳو ايم ڪيو ايم جا ماڻهو ئي گرفتار ناهن ٿيا پر ان تي ايم ڪيو ايم کانسواءِ ٻي ڪنهن به پارٽي اعتراض ناهي واريو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *