حڪومت جو آسان فنانس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان، عورتن لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) صنعت ۽ پيداوار جي وفاقي وزير خسرو بختيار چيو آهي ته پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) کي هٿي ڏيڻ لا3 انقلابي پاليسي تيار ڪئي وئي آهي نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي بنا ضمانت قرض ڏنو ويندو ڪاروبار ۾ نقصان جو بار به حڪومت برداشت ڪندي پاليسي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ لاڳو ٿي چڪي آهي ۽ ڪي پي ۾ به جلد لاڳو ڪئي ويندي سنڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خسرو بختيار چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينه هڪ ايس ايم اِي پاليسي منظور ڪئي آهي جنهن تحت نئون ڪاروبار ڪندڙن کي قرض ڏنو ويندو هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 10 لک مينوفيڪچرر ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي پاڪستان جي معيشت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن 78 سيڪڙو نمو ايس ايم اي فراهم ڪري رهي آهي ان لاءِ اسان ان تي قانونسازي ڪئي هنچ يو ته ان پاليسي ۾ ايس ايم ايز جي ذريعي ڪاروبار شروع ڪندڙن جا خرچ گهٽايا ويا آهن جنهن کان پوءِ زيرو ٽائيم انويسٽمينٽ سان ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو هي پاليسي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ لاڳو ٿي چڪي آهي ان موقعي تي وفاقي وزير سنڌ حڪومت کي به ايس ايم اِي پاليسي ۾ حصو وجهڻ جي درخواست ڪئي وفاقي وزير ٻڌايو ته ايس ايم اي کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ لو رسڪ، ميڊيم ۽ هاءِ رسڪ ۾ رکيو ويو آهي، لو رسڪ ۾ ٽرانسپورٽ پبلڪ سروس سيڪٽر، هول سيل کي شامل ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ اين او سي جي ضرورت نه آهي، ميڊي رسڪ ۾ آٽو پارٽس، ڪٽلري، اسپورٽس وغيره شامل آهي. ان کي 30 ڏينهن لاءِ اين او سي ڏنو ويندو جڏهن ته هاءِ رسڪ ۾ بوئلرز ۽ ٻين بابت ڪاروبار کي شامل ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڪاروبار لاءِ اين او سيز جي آفيسن کان جند ڇٽي وئي آهي، اسان هڪ پورٽل ٺاهيو آهيا ن ۾ سيلف ڊڪليئريشن جي 2 سيڪڙو نگراني ٿيندي ۽ فنڊنگ جي حوالي سان تياريخ ۽ آفيسن بابت به پورٽل کي آگاهه ڪندو. هن چيو ته پاليسي جي ذريعي ڪاروبار ۾ رسڪ جي حوالي سان مختلف قانونن تي به نطرثاني ڪئي پئي وڃي ايس ايم اِي لاءِ ڪيترائي قانون غور هيٺ آهن جيڪي اسان جنوري جي پڄاڻي تائين آڻينداسين هن چيو ته هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ حڪومت مينوفيڪچر سيڪٽر جي ٽيڪس لاءِ ادائيگي گهٽتائي ڇڏي آهي جنهن جي آمدني 10 ڪروڙ کان گهٽ آهي، اهو 0.25 سيڪڙو ۽ جن جي آمدني 10 ڪروڙ کان 25 ڪروڙ آهي انهن لاءِ ٽيڪس 0.5 ڪري ڇڏي آهي ۽ هي فڪس هوندو خسروبختيار ٻڌائي ته وومين انترپراسز جي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو چو ڏني وئي آهي وفاقي وزير چيو ته جي قرضن جي حوالي سان آسان فنانس اسڪيم آڻي رهيا آهيون جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ بئنڪ بنا ضمانت جي هڪ ڪروڙ تائين قرض ڏيندا ۽ جيڪڏهن ڪاروبار ۾ نقصان ٿئي ٿو ته اهو حڪومت ۽ ڪمرشل بئنڪز برداشت ڪندا هن چيوته ايس ايم ايز لاءِ سڀ کان مسئلو زمين جو آهي جنهن لاءِ پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت آسان قسطن تي قرض ڏيندا هن چيو ته انهيءَ پاليسي ۾ 5 ارب سميڊا فنڊز جا رکيا ويا آهن جنهن تحت ايس ايم ايز سينٽر قائم ڪيا ويندا هن چيو ته جيڪڏهن ڪاروبار ۾ هڪ ڪروڙ تائين نقصان ٿيو ته حڪومت ۽ ڪمرشل بئنڪ ڪاسٽ شيئر ڪندا هي هڪ انقلابي قدم آهي ان ڏس ۾ ڪاروبار جو منصوبو ڪمرشل بئنڪ کان منطور ڪرايو ويندو هن چيو ته ڪمرشل سيڪٽر کي بجلي جي استعمال تي 30 سيڪڙو ڇوٽ ڏني پئي وڃي ۽ اسان صنعتڪارن جا حوصلا وڌائي رهيا آهيون ته اهي ڪمرشل مان انڊسٽريل ڪنيڪشن ۾ اچن ۽ ان مان فائدو وٺن هڪ سوال جي جواب تي سندس چوڻ هو ته حڪومتي قرضن تي وياج جي شرح 9 سيڪڙو هوندو. چوڌري فواد چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته اسان تمام وڏي تبديلي آندي آهي اسان امپورٽ اڪانومي هئي هن چيوت ه دبئي ۽ سنگاپور جي آبادي وانگر اسان امپورٽ تي گذارو نٿا ڪري سگهون هن چيو ته پاڪستان کي مضبوط صنعتي بنياد جي ضرورت آهي اسان 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهيون اسان مضبوط اندسٽريل بيس نه ڏئي سگهياسين ته اسان معاشي مسئلن کان ٻاهر نه نڪري سگهنداسين واپار واري وزارت پاليسي جوڙي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *