حڪومت جون ترجيحون ميٽرو بس ۽ اورينج ٽرين منصوبا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومتي منصوبن تي سڄي دنيا کِلي رهي آهي، حڪمران بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل ماڻهن جي ترقيءَ لاءِ قدم کڻن. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جون ترجيحون ميٽرو بس ۽ اورينج ٽرين جهڙا منصوبا آهن. هن چيو ته حڪمران سمجهن ٿا ته هڪ يا ٻن شهرن ۾ ترقي ٿيڻ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو،اسلام آباد ايئرپورٽ جي تعمير جو منصوبو 35 اربن مان وڌي 100 ارب رپين تائين وڌي ويو پر ڪو پــُڇڻ وارو ناهي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي منصوبن کي ڏسي دنيا کِلي رهي آهي ته بک ۽ بدحالي جي شڪار ماڻهن جون ترجيحون ڪهڙيون آهن؟ اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلز پارٽي سوات آپريشن جي متاثرن کي ٽن مهينن اندر بحال ڪيو پر ان باوجود سندن حڪومت کي خراب چيو ويو. هن چيو ته بنون ۾ گذريل ٻن سالن کان ماڻهو اڃا به آءِ ڊي پيز طور ترسيل آهن،چترال، بونير، دير سمورا علائقا پاڪستان جو حصو آهن، اتان جي ٻارن جو به حق آهي ته کين لاهور جهڙيون سهولتون ملن. خورشيد شاهه چيوته خيبر پختونخواهه حڪومت کي پنهنجي علائقن تي ڌيان ڏيڻ گهـُرجي ۽ وزيراعظم به ڪي پي ڪي جو دورو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *