حڪومت جا باضمير ميمبر مني بجيٽ رد ڪن: شهباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته ڊالر وٺڻ لاءِ پرڏيهي بئنڪن تي ڀاڙڻ جي حڪومتي پاليسي باهه سان کيڏڻ برابر آهي پارليامينٽ جي هر ميمبر جو امتحان آهي اميد آهي ته حڪومتي با ضمير ميمبر جرئت منداڻو اسٽينڊ وٺندا اتحادي به همٿ مان ڪم وٺن حق سچ چون حڪومتي اتحادي، عوام ۽ پاڪستان تي ظلم ۾ شامل ٿيا ته پي ٽي آئي سان گڏ اهي به جرم ۾ ساٿي سڏيا ويندا پنهنجي بيان ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته ناڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي کان بچڻ لاءِ عالمي ڪمرشل بئنڪن تي ڀاڙڻ اسان جي خدشن جي تصديق آهي. هن چيو ته مني بجيٽ منظور نه آهي پارليامينٽ جي هر ميمبر جو امتحان آهي. هن چيو ته مني بجيٽ جي ذريعي پاڪستان جا هٿ پير ٻڌڻ جي تياري ٿي رهي آهي. 2018 کان هن وقت تائين موجوده حڪومت قرض جي سطح 40 ارب ڊالر تي پهچائي چڪي آهي. جيڪا خوفناڪ آهي هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ حڪومت 4 ارب 96 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو هن چيو ته 4 ارب 96 ڪروڙ ڊالر پرڏيهي قرض مان 3 ارب 45 ڪروڙ غيرترقياتي مقصدن لاءِ آهي. 14 ارب ڊالر بجيٽ ڪاٿي مان هن وقت تائين 4.699 ارب ڊالر گڏ ٿيا آهن هن چيو ته قرض جي پئسي تي معيشت جٽادار ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي ملڪ جي حق ۾ ڪائي عقلمنداڻي پاليسي آهي هن چيو ته جڏهن سموري معيشت دفاع ۽ حڪومتي نظام قرض تي بيهندو ته جيو اڪنامڪس جو فلسفو رڳو لطيفو بڻجي ويندو ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي قيمت ۾ پوڻا 6 رپيا واڌ جي گهرج ظلم آهي حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان عوام جي امدني ۽ قوت خريد ختم ٿي وئي آهي هن چيو ته اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت وڌري وڌي وئي آهي 80 ڪلو کنڊ جو ڪٽو 880 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ڊالر 180.7 رپين جي بلند سطح تي آهي ۽ حڪومت اسان وٽ ڊالر ناهي جو چئي وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *