حڪومت تڪ بندين بابت بل سي سي آءِ ۾ آڻڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي؟: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اوچتو ختم ڪرڻ پارليامينٽ سان مذاق آهي، حڪومت نون تڪبندين جو بل گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي؟ اسلام آباد ۾ نوير قمر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چونڊون نه پهريون ۽ نه وري بعد ۾ ٿين پر پنهنجي وقت تي ٿين. هن چيو ته تڪ بندين ۾ ترميم لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظوري آئيني گهرج آهي پر خبر ناهي ڇو حڪومت معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي؟ سندس چوڻ هو ته ڪلهه طئي هو ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ايندڙ اڱاري تائين هلندو پر حڪومت پارلياماني پارٽين سان مشوري کانپوءِ اوچتو چيو ته اجلاس نه ٿيندو ۽ بعد ۾ گهرايو ويندو. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت طرفان اهڙي نموني اجلاس ختم ڪرڻ پارليامينٽ سان مذاق آهي، حڪومت اڱاري تي اجلاس گهرائڻ کان ڪيٻائي رهي هئي ڇو ته سينيٽ مان منظور اليڪشن ترميمي بل اجلاس ۾ پيش ٿيڻو هو. نويد قمر چيو ته حڪومت غلط بياني ڪري رهي آهي ته موجوده صورتحال تي پراڻين تڪبندين تي اليڪشن نه ٿي ٿي سگهي، جيستائين نئين آدمشماري جا نتيجا ظاهر نه ٿا ٿين تيستائين پراڻيون تڪ بنديون موثر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *