حڪومت تيل اگهه وڌائي ڇڏيا، پيٽرول 4 روپيا مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت اوگرا پاران تيل اگهن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪري ورتي آهي. عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اوگرا پاران وزيراعظم کي موڪليل تيل اگهن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي اگهن ۾ 4 روپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ پيٽرول 74.29 روپيا في ليٽر ٿي ويو آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيا واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت پاران هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6.25 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ اُن جي قيمت 86.86 روپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته ايڇ او بي سي، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت برقرار رکي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *