
اسلام آباد (م.ڊ) حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. انٽرنيشنل بيڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي انفراسٽڪچر انسويٽسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به ڏيندي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تربيلا جي واڌ واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته تربيلا ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن. 37