حڪومت اپوزيشن ۽ ميڊيا جي دٻاءُ ۾ آهي، اھي جھيڙو ٿا چاھين: سعيد غني

ڪراچي (م.ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري 27 فيبروري تي مارچ ڪري رهيو آهي، ڪارڪن پرجوش آهن ۽ تياريون عروج تي آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  اڄ بلاول هائوس کان مزار قائد تائين ريلي ڪڍنداسين، بلاول سان گڏ هزارين گاڏيون ڪراچي کان ٺٽي لاءِ روانيون ٿينديون، هن چيو ته ڪراچي جا ڪارڪن بلاول ڀٽو سان گڏ ٺٽي ويندا، ڪارڪنن جي سهولت لاءِ ڪيترائي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي جي عهديدران پنهنجا ڪنٽينر ٺاهي ڇڏيا، سعيد غني چيو ته ڪنهن به نه سوچيو هو ته پيٽرول 160 رپيا مهانگو ٿيندو، مهانگائي عروج تي آهي، زراعت تباهه ٿي وئي ۽ڀاڻ ميسر ناهي، هن چيو ته پيڪا جهڙا قانون ٺاهيا پيا وڃن، عوام جو آواز دٻائڻ لاءِ نا قابل ضمانت قانون ٺاهيو پيو وڃي، سڀني کان محسن بيگ وارو حال ڪرڻ چاهين ٿا. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم وارا چاهين ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٽڪراءُ پيدا ٿئي، پي ٽي آءِ به ان سازش جو حصو آهي، ايم ڪيو ايم جي طرز جي سياست پي ٽي آءِ ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، هن چيو ته اسان جي طئي ٿيل تاريخ تي هنن مارچ جو اعلان ڪيو، هي جهيڙي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا گهرن، هن چيو ته اطهر متين جو ڪيس وڏو وزير پاڻ ڏسي رهيو آهي، سندس خاندان کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي، هر ڳالهه کي ميڊيا جي سامهون شيئر ڪرڻ مناسب نه هوندو، آهي، مون کي يقين آهي ته اطهر متين جا قاتل پڪڙيا ويندا ۽ انهن دهشتگردن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم کي ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اسٽريٽ ڪرائم دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *