حڪومت اردو کي سرڪاري ٻولي طور تي اختيار ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت اردو کي سرڪاري زبان طور تي اختيار ڪرڻ لاءِ نهايت سنجيده آهي ملڪ ۾ رجسٽرڊ پرڏيهي اين جي اوز جو انگ 19 ۽ اڻ رجسٽرڊ جو انگ 67 آهي ڪمالدين کي چئرمين پيمرا جي باقاعده مقرري تائين عارضي بنياد تي چارج ڏني ويئي آهي چيئرمين پيئرا جي مقرري لاءِ اڳڀرائي ٿي رهي آهي اڱاري تي سوالن جي وقفي دوران سينيٽر سراج الحق جي سوال تي جي لکت واري جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پاران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم قومي ٻولي کي هٿي ڏيڻ واري اداري پاران ڪيل سفارشن جي روشني ۾ اردو کي اختيار ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي منظوري ڏني اهي سمورن کاتن جي سربراهن کي ڪابينه ڊويزن جي ذريعي ان سلسلي ۾ حڪم جار يڪيا ويا آهن حڪومت اردو کي سرڪاري ٻولي طور اختيار ڪرڻ لاءِ نهايت سنجيده آهي وفاق جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اهي پنهنجي پاليسين جو ٽن مهينن اندر اندر اردو ترجمو شايع ڪن سمورن ادارن کي قانونن جو اردو ترجمو به ٽن مهينن ۾ شايع ڪرڻ ۽ هر قسم جي فارم انگريزي سان گڏوگڏ اردو ۾ به فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي ان کان علاوه پاسپورٽ آفيس، انڪم ٽيڪس، واپڊا، سوئي گئس ۽ ٻين ادارن سميت سمورن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اهي سمورا دستاويز ٽن مهينن ۾ اردو ۾ فراهم ڪن ان کان سواءِ سمورين سرڪاري تقريبن جي ڪارروائي مرحليوار ٽن مهينن ۾ اردو ۾ شروع ڪئي وڃي وفاقي وزير ٻڌايو ته اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي اسلام آباد ۾ ان جي رهائشگاهه تي هڪ هيڊڪانسٽيبل ۽ ٻه ڪانسٽيبل فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ذاتي طور تي ان کي ڪوئي اسڪواڊ يا گاڏي فراهم ناهي ڪئي ويئي هن چيو ته رحمان ملڪ جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ بهادراڻو موقف آهي ان لاءِ کيس سيڪيورٽي ڏني ويئي آهي وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ رجسٽرڊ پرڏيهي اين جي اوز جو انگ 19 ۽ اڻ رجسٽرڊ جو انگ 67 آهي اين جي اوز جي رجسٽريسن جو نئون طريقو جوڙيو پيو وڃي پهريان ناڻي وزارت اين جي اوز کي ريگيوليٽ ڪندي هئي هاڻي هي ڪم گهرو وزارت کي ڏنو ويو آهي هن ٻڌايو ته اين جي اوز جي نئين رجسٽريشن پاليسي متعارف ڪرائي ويئي آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته اڳوڻي چيئرمين چوڌري رشيد احمد کي وفاقي حڪومت برطرف ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ هي عهدو خالي هو جنهن ۾ هن عهدي تي مقرري لاءِ شفاف طريقيڪار ذريعي اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا آهن ۽ شارٽ لسٽ ٿيندڙ اميدوارن جا انترويو ڪيا ويا آهن پر ڇو ته هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ ان جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي سينيٽر طلحه محمود جي پنجاب رينجرز ۾ ڀرتين بابت سوال جي جواب ۾ گهرو وزارت پاران جواب ڏيندي پرويز رشيد ٻڌايو ته نئين بڻايل اسپيشل سيڪيورٽي ڊيوزن ۽ تعداد وڌائڻ جي ونگ ۾ 2160 آسامين جي ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرتي جو عمل جاري آهي جيڪو نومبر 2015 تائين مڪمل ڪيو ويندو هنن يقين ڏياريو ته انهن ڀرتين ۾ ڪوٽا جي پابندي کي يقيني بڻايو ويندو. هن ٻڌايو ته ناڻي وزارت نيڪٽما لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري ڏني آهي ناڻي وزارت بريڪ اپ به گهريو آهي نيڪٽما ۾ 155 آساميون خالي آهن جن کي ڀرڻ جو عمل پهريان ئي شروع ٿي چڪو آهي عملو ڊويزن سان نيپٽا ۾ آفيسرن جي مقرري لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته مارچ کان مئي 2013 تائين چونڊ مهم دوران سرڪاري ٽي وي چينلز کي سياسي پارٽين پاران 6 ڪروڙ 54 لک رپين جا اشتهار ڏنا ويا هن ٻڌايو ته پي ٽي وي کي ميڊاس پرائيويٽ لميٽيڊ جي ذريعي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي 80 لک 43 هزار 926، ايڊ گروپ پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2 ڪروڙ 58 لک 10 هزار 523، ميڊاس پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽرين 79 لک 31 هزار 688، گروپ اينڊ پاڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف 2 ڪروڙ 18 لک 13 هزار 877 ۽ ايم ڪيو ايم 16 لک رپين جا اشتهار ڏنا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *