حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي بجيٽ ۾ بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائيندي: مخالف ڌر

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي ميمبر پيٽرول شين ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي تي حڪومت تي ڇتي تقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت بجيٽ جي سموري ڄاڻ آءِ ايم ايف کي ڏئي رهي آهي، حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي بجيٽ ۾ بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائيندي، آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي وياج جي شرح وڌائي ويندي، شبر زيدي جي مقرري مفادن جو ٽڪراءُ آهي، آءِ ايم ايف جو قرض ناهي مليو، گذريل حڪومتن عوام کي رمضان جي مهيني ۾ رليف ڏنو، هاڻوڪي حڪومت رمضان جي پهرين ڏينهن 12 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳايو، حڪومت کي 10 مهينا گذري ويا پر هڪ واعدو پورو نه ڪيو، 3 کان 4 ڀيرا تيل جون قيمتون وڌايون، اسان جي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن سان آءِ ايم ايف ڏانهن وياسين ته خودڪشي ڪندس، اسان کي انتظار آهي ته وزيراعظم ڪابينا سميت ڪڏهن خودڪشي ڪندو، اعظم سواتي چيو ته اسٽيل  ملز کي نه خانگايو ويندو، پرائيويٽ پبلڪ پارنٽرشپ تحت اسٽيل مل کي بهتر ڪيو ويندو، جمعي تي سينيٽ ۾ تيل شين ۾ واڌ تي منظور ٿيل التوا واري رٿ تي بحث شروع ڪندي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته پيٽرول جا اگهه وڌائڻ کان اڳ گيس ۽ دوائن جا اگهه وڌايا ويا، رياست مديني جي ڳالهه ڪندڙ رمضان کان اڳ پيٽرول جو بم ڪيرايو، هن چيو ته ايف بي آر جو چيئرمين ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ۽ ناڻي صلاحڪار آءِ ايم ايف جي چوڻ تي لڳايا، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي اسد عمر کي سائيڊ ڪيو ويو، شيري رحمان چيو ته هن وقت اهم معاملي تي بحث ٿي رهيو آهي، لاڳاپيل وزير هن وقت هجي ها ته معاملي تي ايوان ۾ جواب ڏئي سگهي ها، سينيٽ چيئرمين چيو ته پيٽروليم جو وزير هن وقت ٻاهر مصروف آهي، هو ايوان کي ٻڌائي ويو آهي، شيري رحمان چيو ته هي ڪهڙو خوفناڪ آءِ ايم ايف پروگرام آهي جيڪو اچڻ کان اڳ ئي شرطن تي عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، هن چيو ته گذريل حڪومتون عوام کي رمضان ۾ رليف ڏينديون رهيون آهن، هن چيو ته هن حڪومت رمضان جي پهرين ڏينهن 12 سيڪڙو جي اي سي ٽي لڳايو، هن چيو ته تبديلي سرڪار جو پيٽرول بم ڀلاري مهيني ۾ آيو آهي، بحث ۾ حصو وٺندي رضا رباني چيو ته اڳ به آءِ ايم ايف سان معاهدا ٿيا پر اڳ اهڙي پوزيشن نه هوندي هئي، هن چيو ته هي ڪڏهن ناهي ٿيو ته آءِ ايم ايف جي سروس ماڻهو کي اهم عهدي تي ويهاريو ويو، رضا رباني چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، معاهدو ناهي ٿيو، اسٽيل ملز کي نجڪاري لسٽ ۾ وڌو ويو، هن چيو ته حڪومت آءِ ايم اي جي ڊڪٽيشن تي بجيٽ ۾ بجلي، گيس اگهن ۾ واڌ ڪندي، رضا رباني چيو ته چيئرمين شبير زيدي جي مقرري مفادن جو ٽڪراءُ آهي، شبير زيدي فرغوسن ڪمپني جو پارٽنر آهي، هن چيو ته شبر زيدي ڪيترن ئي وڏين ڪمپينن جو ٽيڪس ايڊوائزري رهيو آهي، شبر زيدي جي مقرري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي جنهن کانپوءِ اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *