حڪومتي نااهلي سبب اقتصادي راهداري رٿا بابت غلط فهميون پيدا ٿيون آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومتي نااهلي سبب اقتصادي راهداري رٿا بابت غلط فهميون پيدا ٿيون آهن اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اقتصادي راهداري رٿا تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف سموري صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي.سندس چوڻ هو ته اقتصادي راهداري رٿا کي تڪراري نه بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته تڪراري رٿائون ڪڏهن به مڪمل نه ٿينديون آهن. خورشيد شاهه چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا تمام گهڻي اهم آهي، تنهن ڪري حڪومت سنجيدگي کان ڪم وٺي. هن چيو ته پنهنجي حق ۾ هر ڪنهن کي ڳالهيون درست لڳنديون آهن، اها ئي ڳالهه ٻئي لاءِ ڪجي ته خراب لڳندي آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي وزير سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، کين آگاهه ڪيو وڃي، وزيراعظم نواز شريف 34 ملڪن جي اتحاد تي به پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي. خورشيد شاهه چيو ته پ پ چيني حڪومت کي اولهندي روٽ تي ڪم شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. هن چيو ته اقتصادي راهداري رٿا تي حڪومتي اتحادين کي به خدشا آهن، وزيراعظم نواز شريف کي صورتحال تي مشورا ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن ايندڙ ڪجهه سالن اندر صورتحال بهتر ٿي ويندي. خورشيد شاهه چيو ته سمورين پارٽين جي مئنڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *