حڪومتون اچڻيون وڃڻيون هونديون آهن ڪنهن جي پرواهه نه ڪيو پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀايو: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (بيورو) حڪومتون اينديون رهنديو آهن،ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ بنا ڊيوٽي نڀايو.چيف اليڪشنر  ڪميشنر سردار رضا خان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم،وفاقي وزير ۽ حڪومتون اينديون رهنديون آهن، ڪنهن جي به پرواهه نه ڪيو ۽ پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان نڀايو.چيف اليڪشنر ڪميشنر سردار رضا خان جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ ڊي آر اوز جي رپورٽ بابت فوج ۽ رينجرز مقررڪرڻ جي فيصلي تي غور ڪيو ويو.ان موقعي تي چيف الڪيشنر ڪمشنر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن جي به پرواهه نه ڪيو پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀايو. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي، مڙني آفيسرن تي فرض ٿو ٿئي ته سڀني پارٽين کي هڪ نظر سان ڏسن ۽ سڀني کي هڪ جهڙو ماحول ڏين،اجلاس ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري،آئي جي پنجاب،پنجاب جي مڪاني ادارن جو سيڪريٽري،ڊي جي ملٽرآپريشن ۽ جي ايڇ ڪيو جا نمائندا شامل ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *