حڪومتن جي ناقص پاليسي ۽ مبينه ڪرپشن ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو، 100 بجاءِ رڳو 58 ڪروڙ گيلن پاڻي ميسر

ڪراچي (اين اين آءِ) حڪومت جي ڪمزور ۽ ناقص پاليسي ۽ مبينه ڪرپشن سبب ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو آهي ڪراچي کي روزانو بنيادن تي اٽڪل 100 ڪروڙگيلن پاڻي جي ضرورت آهي پر رڳو 58 ڪروڙ گيلن پاڻي ميسر آهي واٽر بورڊ جي انگن اکرن مطابق 45 ڪروڙ گيلن پاڻي ڌاٻيجي، 3 ڪروڙ گيلن گهارو ۽ 10 ڪروڙ گيلن حب ڊيم مان فراهم ڪيو پيو وڃي شهر کي حب ڊيم مان سپلاءِ اٽڪل چئن سالن کان پوءِ بحال ٿي آهي ماهرن موجب شهر ۾ پاڻي جو بحران هڪ ٻيو وڏو سبب واٽر بورڊ جي لائينن مان ضايع ٿيندڙ پاڻي به آهي خود واٽر بورڊ جي انگن اکرن مطابق اٽڪل 17 ڪروڙ گيلن پاڻي ضايع ٿئي ٿو واٽر بورڊ جي انگن اکرن مطابق شهرين کي رڳو 40 ڪروڙ گيلن پاڻي ئي ملي ٿو ماهرن موجب ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران جي سڀ کان وڏو سبب ڪي فور پروجيڪٽ جو التوا به آهي، 26 ڪروڙ گيلن جو هي منصوبو 2016 ۾ شروع ٿيو ۽ ان کي جون 2018 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر ذريعا چون ٿا ته ڪي فور مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 3 کان 4 سال لڳي سگهن ٿا سعيد غني تسليم ڪيو ته ڪراچي ۾ جتي پاڻي جي ضرورت آهي ايترو پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ اڃا تائين ڪامياب نه ٿيا آهيون. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت قدم کڻي رهي آهي هن الزام مڙهيو ته ڇا ڪراچي جي هڪ جماعت جا ماڻهو به ڪراچي جي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهن ٿا هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نه رڳو پاڻي جي پائيپن ۾ بجري جون ٻوريون وجهن ٿا پر پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان به انهن جي ساڳي روش آهي ڪراچي جي شهرين کي ڏسڻو پوندو ته ڪير انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ڪير رنڊڪون ري رهيو آهي ٻئي پاسي خرم شيرزمان چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي زميوار واٽر بورڊ ۽ سنڌ حڪومت آهي شهرين جو جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته وزراعليٰ هائوس ٻاهران ۽ پوءِ بلاول هائوس تي احتجاج ڪنداسين هن چيو ته پاڻي جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت واٽر بورڊ جي مدد ڪرڻ لاءِ تيارآهي جيڪڏهن واٽر بورڊ ڪم نه ڪندو ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻڻو پوندو خرم شيرزمان چيو ته سنڌ صوبي ۾ جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي اهڙي قسم جا مسئلا ايندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *